بٺورو لڳ معصوم نينگر ٽرڪ جي ٽڪر ۾ چيپاٽجي فوت

ميرپور بٺورو(ن ع آ)  ميرپوربٺورو لڳ بائي پاس روڊ تيز رفتار ٽرڪ روڊ پار ڪندڙ 7 سالا معصوم نينگر عظيم پٽ نعيم ملاح کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ معصوم نينگر موقعي فوت ٿي ويو، واقعي جي بعد فوتي نينگر جي وارثن ۽ آسپاس جي ڳوٺاڻن پهچي ٽرڪ ڊرائيور کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو جڏهن ته پوليس پهچي ٽرڪ ڊرائيور کي ٽرڪ سميت تحويل ۾ وٺي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن فوتي نينگر جو لاش سندس صديق ملاح منتقل ڪيو ويو جتي لاش پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.