جسقم ڪارڪن خالد پلھه جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن: صنعان قريشي

نوشهروفيروز/حيدرآباد (پ ر ) جسقم جي ڪارڪن اُستاد خالد پلھ جي ناحق قتل خلاف جسقم نوشهروفيروز ضلعي جي سڏ تي جسقم مرڪزي اڳواڻ اياز ڪورائي، ضلعي چيف آرگنائزر امتياز علي کوسو،ضمير ميمڻ ۔ امداد ڪليري۔ حق پله، آمين ڪلھوڙو ھارون ڪلھوڙو، عطا حسين شر، پير راجا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ﷲ واري چونڪ تان سوين ماڻهن جي احتجاجي ريلي ڪڍي پيادل مارچ ڪري نوشهروفيروز پريس ڪلب اڳيان هڪ وڏي جلسي جي شڪل اختيار ڪري وئي،ان موقعي تي مٿي ڄاڻايل جسقم اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اُستاد خالد پلھ جسقم جو نظرياتي ڪارڪن هو جنهن کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آهي، سندس قاتل پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي، جنهن سبب جسقم جي سڏ تي سوين شهري روڊن تي نڪري آيا آهن، جسقم اڳواڻن احتجاج ۾ گهر ڪئي آھي ته شهيد اُستاد خالد پلھ جا قاتل گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، جڏهن ٻي طرف جسقم ميڊيا سينٽر قاسم آباد، حيدرآباد تان جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سنڌ ۾ وڌندڙ بد امني تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جا حڪمران رڳو ڪرپشن ۾ پورا آهن سنڌ جي شهرن جو امن تباهه ٿي ويو آهي، ڪير به محفوظ ناهي رهيو روزانو ماڻهو ڦريا ۽ لٽيا وڃن ٿا رستي ويندڙ ماريا وڃن ٿا جنهن جي مذمت ڪيون ٿا، جسقم چيئرمين نوشهروفيروز جي ڪارڪن استاد خالد پلھ جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ تي چيو ته نوشيروفيروز ضلعي جي پوليس جسقم ڪارڪن جي قاتلن کي گرفتار ڪري شهيد جي وارثن ۽ جسقم ڪارڪن جي بيچيني کي ختم ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۽ وڌندڙ بدامني کي ختم ڪرڻ لاءِ پوليس مان سياسي مداخلت ختم ڪري پوليس کي پنهنجي عمل ۾ آزاد ڇڏيو وڃي.

  •  نوابشاهه ۾ پورهيت تي حملو، سخت زخمي، اسپتال منتقل

نوابشاهه(بيورو رپورٽ) نواب شاهه جي دولت ڪالوني واري علائقي ۾ جوابدار حملو ڪري پورھيت وحيد علي ڀٽي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، انھيءَ سلسلي ۾ زخمي پورھيت وحيد علي ڀٽي جي ڀاءُ نديم حسين ڀٽي ٻڌايو ته جوابدار جمبورو شيدي بنا ڪنهن سبب جي منھنجي ڀاءُ کي سرون ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آھي، ليڪن حد جي پوليس جوابدار کي بااثرن جي پٽڀرائي ھئڻ سبب گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، جنھن سبب جوابدار اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ھن گھر ڪئي ته حملو ڪندڙ جوابدار جمبو کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.