لاڙڪاڻي ڪانفرنس ۾ پني عاقل ۾ سوين گاڏيون نڪرنديون: اڳواڻ

پنوعاقل (  ت ر ) سنڌ جي حقن جي ترجماني ڪندڙ نالي وارو عالمي دين اڳوڻو سينيٽر شھيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾ 27 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي آھي،جنھن ۾ جمعيت علماءِ اسلام جو مرڪزي امير ۽ پي ڊي ايم جو صدر مولانا فضل الرحمان سميت ملڪ جي چئني صوبن کان جي يو آءِ ۽ پي ڊي ايم جا اڳواڻ خطاب ڪندا،ان ڏس ۾ ھتان پنوعاقل کان 300 گاڏين جو قافلو ڪارڪن سان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو

  • ڪنب ڀرسان ڪوچ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ڳوٺاڻو زخمي

ڪنب (ن ع آ) ڪنب لڳ مهراڻ هاء وي تي تيز رفتار ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار بشيروساڻ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي مقامي اسپتال ۾  داخل ڪيو ويو آهي۔ جڏهن ته اتي موجود ماڻھن ڪوچ ڊرائيور کي  سوگهو ڪري ورتو۔جڏهن ته حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.