ملير پوليس جي منشيات هٿ ڪري 5 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملير (ڊ.ر) ملير ضلعي پوليس منشيات ۽ گٽڪا ماوا فروشن خلاف ڪاروائي ڪندي پنج منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان پوليس ڏيڍ ڪلو کان وڌيڪ چرس ۽ تمام گهڻي مقدار ۾ تيار ٿيل گٽڪا ماوا هٿ ڪري ورتي آهي، ايس ايس پي ملير، خبر موجب ملير ضلعي پوليس قائدآباد، سکڻ ۽ بن قاسم ٿاڻن جي حدن ۾ مختلف علائقن ۾ منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪاروايون ڪندي پنج جوابدارن بشير، شهباز، نثار، ابراهيم ۽ جاويد کي ڏيڍ ڪلو کان وڌيڪ چرس ۽ تمام گهڻي مقدار ۾تيار ٿيل گٽڪو ماوا هٿ ڪري گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي ملير عرفان بهادر موجب گرفتار ٿيل جوابدار عادي ڏوهاري آهن جيڪي مختلف علائقن منشيات وڪرو ڪندا هئا، جيڪي ڪيترائي دفعا جيل به ڪاٽي چڪا آهن، جن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

  • ٽنڊو آدم لڳ نوجوان پاران خودڪشي جي ڪوشش، حيدرآباد منتقل

ٽنڊو آدم (ن ع آ ) ٽنڊو آدم لڳ نوجوان پاران خودڪشي جي ڪوشش حيدرآباد منتقل رپورٽ موجب ٽنڊو آدم لڳ ڳوٺ نواز علي ٿهيم ۾ 20 سالن جي ذوالفقار پٽ محمد رحيم گهر اندر ڦاهو کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

  • سکر ۾بدامني، هوٽل تان موٽر سائيڪل چوري

سکر (رپورٽر) جهانگڙو ٿاڻي جي حد ۾ هڪ دفعو ٻيهر چورين جو سلسلو شروع گذريل ڏينهن جهانگڙو ٿاڻي جي حد پيارو واھ جي هوٽل تان نامعلوم ڄاٻي چور ماڙي جي رهواسي نور محمد شر جي نئي موٽر سائيڪل 2021 ماڊل تالا ٽوڙي چوري ڪري فرار ٿي ويا ان موقعي تي نور محمد شر مطالبو ڪيو ته سندس چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائي ڏني وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.