چمبڙ لڳ اغوا ڪيل ناري آزاد نه ٿي، ٽنڊي الهيار ۾ احتجاج

ٽنڊوالهيار (ڊ ر) ٽنڊوالهيار تعلقي چمبڙ جي ڳوٺ ونگي اوٺا جي رهواسين مردن ۽ عورتن جو 17 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيندڙ فرحانه اوٺو جي بازيابي لاء ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي محمد حسن اوٺو . فرزانه اوٺو . مجيب الرحمان اوٺو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 17 ڏينهن اڳ اسان جي نياڻي فرحانه اوٺو ٽنڊوالهيار شهر جي ميرواه روڊ تي دوا وٺڻ لاء آئي هئي جنهن کي نامعلوم ماڻهون اغوا ڪري ويا اسان حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو آهي پر پوليس منهنجي ڌيء کي بازياب ڪرائڻ لاء ڪي به ڪوششون نه پئي وٺي هنن چيو ته اسان چمبڙ ويجهو ڳوٺ ونگي اوٺا جا رهواسي آهيون فرحانه ڀيڻ سان گڏ ڳوٺان کان ٽنڊوالهيار دوا وٺڻ آئي هئي اسان ڪجه ثبوت به پوليس کي ڏنا آهن پر پوليس اڃان تائين ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته نياڻي فرحانه اوٺو کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي پوليس موجب مذڪوره خاندان سنجر چانگ ٿاڻي جي حد ۾ ويٺل آهن اسان مامري جي جاچ ڪيون پيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.