ڊي آءِ جي جي سيوهڻ ۾ کلي ڪچهري، عوام جون شڪايتون

سيوھڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ ) ڊي آئي جي ريجن حيدرآباد شرجيل کرل سيوھڻ پھچي اڳوڻي ايم پي اي ۽ پيپلزپارٽي ضلع ڄامشورو جي صدر سيد آصف علي شاهه جي موجودگي ۾ اي ايس پي آفيس سيوھڻ ۾ کلي ڪچھري لڳائي شھرين ۽ تعلقي سيوھڻ جي عوام جون ڳالهيون ٻڌيون ان موقعي تي سيوھڻ جي عوام مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ۽ متاثر شھرين اڪبر علي ڪٽوھڙ, وزير بڙدي, صحافي ياسين ند, نواب بڙدي, گل بھار شيخ ۽ ٻين دي آئي جي آڏو پوليس جي ڏاڍائين, سيوھڻ شھر ۾ وڌي ويل بدامني جي واقعن ۽ ڦر ۽ چوري ٿيل سامان واپس نه ڪرائڻ بابت شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا جنهن تي ڊي آئي جي حيدرآباد نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ کي ھدايت ڪئي ته شھرين جي شڪايتن کي جلد حل ڪري ساڻن ٿيل نانصافين جو ازالو ڪري سندن گھرن دڪانن مان ڦر ۽ چوري ٿيل سامان ۽ گاڏيون ۽ موبائيل فونون واپس ڪري بدامني جو خاتمو آندو وڃي. کلي ڪچھري ۾ يوسي واھڙ جي ھڪ ڳوڻاڻي عباس جمالي روئندي شڪايت ڪندي ٻڌايو ته سندس ڀائٽي اسلم جمالي کي ڪجهه وقت اڳ قتل ڪيو ويو ھو پر ايس ايڇ او ڀان سيدآباد کين انصاف ڏيڻ بجاء ڪيس خراب ڪري ان کي سي ڪلاس ڪري نيڪال ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي ڊي آئي جي کيس يقين ڏياريو ته ان ڪيس کي ترجيحي بنياد تي ٻيھر کولي کين انصاف ڏياريو ويندو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊي آئي جي حيدرآباد شرجيل کرل چيو ته سيوھڻ قلندر شھباز جي نگري آهي جتي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو اچن ٿا ان ڪري ھتي جي سيڪيورٽي تمام اھم آهي ۽ ھتي ٿيندڙ ڏوھن ۾ ٻين ٻين ضلعن جا ڏوھاري ملوث ھجن ٿا جن جي گرفتاري لاء ٻين ضلعن جي پوليس کان مدد پڻ ورتي پئي وڃي ته جيئن سيوھڻ ۾ ڏوھن تي ضابطو آندو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.