نوجوان جا قاتل گرفتار ڪريو، سکر ۾ پنو عاقل واسين جو احتجاج

سکر ( رپورٽر ) پنوعاقل واسي ڦلپوٽا برادري جي عورتن ۽ مردن پاران نوجوان احسان ڦلپوٽو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي سکر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مقتول جي وارثن دانهيندي چيو ته پنڌرهن ڏينهن اڳ نوجوان احسان ڦلپوٽو کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو جنهن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ باوجود هن مهل تائين ظاهر نه ڪري رهي آهي جڏهن ته ايس ايڇ او بائجي گل حسن سومرو قاتلن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي هنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوجوان احسان ڦلپوٽو جي قاتلن کي گرفتاري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.