سيوھڻ ڀرسان مبينا مقابلو، ھڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

سيوھڻ(ن ع آ) سيوھڻ ڀرسان انڊس ھاء وي تي ٽنڊوشھبازي پل وٽ گذريل رات سيوھڻ پوليس جو 6 ھٿيار بند ڦورن سان مبينا طور مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد پوليس پاران ھڪ ڦورو احسان اوٺو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوائ ڪئي وئي آھي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سيوھڻ مظھر نائچ ۽ ون فائيو انچارج منظور دل صحافين کي ٻڌايو ته گذريل رات دير سان گشت دوران پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلو ٿيو ۽ فائرنگ بعد 5 ھٿيار بند موقعي تان ئي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏھن ته ھڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ احسان اوٺو نالي سان ٿي آھي ۽ سندس قبضي مان ھڪ رائيفل به ھٿ ڪري ورتي آھي ھٿياربند  گذريل رات جي انڊس ھاء وي تي ٽنڊوشھبازي واري پل تي جوابدار مسافر گاڏين کي بيھاري ۽ ڦر جي ڪاروائي رھيا ھئا ھڪ موٽرسائيڪل به ڦر ڪري رھيا ھئا ته ھنن پوليس کي ڏسي اسان مٿان فائرنگ ڪئي ۽ گرفتار زخمي جوابدار اڳ به اھڙن وارداتن ۽ مختلف ٿاڻن جي حدن اندر ڏوھن ۾ ملوث رھيو آھي ۽ جوابدار جي ھڪ ڪار سوار مسافر به سيوھڻ اسپتال ۾ سڃاڻپ ڪئي آهي جڏھن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپن   جو سلسلو پڻ جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.