اڏيري لال لڳ اسڪول ٽن سالن کان بند، شاگردن جو احتجاج

اڏيرولال اسٽيشن (ن ع آ) اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ محرم کوسو ۾ قائم گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت ٽن سالن کان زبون حالي جو شڪار آهي، اسڪول جون ڇتيون ضعيف بڻجي چڪيون آهن، اٺ مهينن کان ريٽائر ٿي ويل استاد کان پوءِ اسڪول ۾ استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ محرم کوسو جي ڳوٺاڻن نور محمد کوسو، قربان کوسو، حسين بخش کوسو، شهزاد کوسو، سجاول کوسو، لکاڏنو کوسو، حاجي عبدالله کوسو ۽ شاگردن اسڪول جي عمارت اڳيان احتجاج ڪندي تعليم کاتي مٽياري خلاف سخت نعري بازي ڪئي. هنن چيو ته ٽن سالن کان اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار آهي، کوڙ ڀيرا اسڪول جي زبون حالي بابت تعليم کاتي مٽياري سميت ڊي سي مٽياري کي پڻ دانهيو آهي، پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو آهي. هنن چيو ته سينيٽر محمد علي شاهه ڄاموٽ ۽ ايم پي اي مخدوم رفيق هن اسڪول جي زبون حال عمارت ۾ تعزيت لاءِ پڻ آيا هئا ۽ واعدو ڪري ويا هئا ته جلد اسڪول جي عمارت نئين سر ٺهرائي ويندي، پر ان دلاسي کي به چار سال گذري ويا آهن، پر واعدو وفا نه ٿي سگهيو آهي. هنن احتجاج ڪندي چيو ته سندن ٻار اسڪول جي آڳر ۾ پڙهندا هئا، پر اٺن مهينن کان اسڪول جي استاد ريٽائرمينٽ وٺي ڇڏي آهي، اٺن مهينن کان اسڪول ۾ استاد نه هجڻ سبب اسڪول بند آهي. هنن چيو ته ڳوٺ جا لڳ ڀڳ ٽي سو شاگردن جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي، پر سندن ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي. هنن ضلعي مٽياري جي چونڊيل نمائندن، تعليم کاتي جي صوبائي وزير، ڊي سي مٽياري ۽ تعليم کاتي مٽياري کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي اسڪول جي عمارت تعمير ڪرائي استاد مقرر ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.