نئين ڪوٽ سب ڊويزن جي ٽيل ۾ پاڻي پهتو، ڪڻڪ پوکي نه ٿي، ڌرڻو

نئون ڪوٽ (رپورٽ: زاھد مغل) نئين ڪوٽ ايريگشن  سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي ٽيل رڻ شاخ، جھارو شاخ، لنجا مائنر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف، پوڇڙ جي آبادگارن  ٽيل آبادگارن ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ  عثمان ھالو، رمضان لنڊ، موسي احمداڻي ۽ ٻين جو 22 ميل موري تي احتجاجي ڪئمپ قائم ان موقعي تي آبادگارن  چيو ته ٿرپارڪر جي بئراج ايريا ڀٽارو فانٽ ۽ ڪلوئي يوسبز کي پاڻي نه ملڻ سبب ٿرپارڪر صرف 7 بئراجي ديھن تي ڪڻڪ پوکجي ٿي پر ھن سال پاڻي نه ھجڻ سبب ھڪ ايڪڙ به ڪڻڪ جي پوکائي نه ٿي آهي،  جنهن سبب ايندڙ سال وڌيڪ ان جو بحران پيدا ٿيندو ڪڻڪ جي پوکائي جي ڀرپور مند پاڻي نه ھجڻ سبب گذري رھي آهي. سب ڊويزن جي منڍ جي شاخن جو ڪو به شيڊول ناهي ايريگشن عملي لکين روپين جي رشوت عيوض پوڇڙين جو پاڻي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، مرحليوار احتجاجي تحريڪ ھلائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.