سڪرنڊ ۾ حد دخلين خلاف آپريشن، دڪا ، ريڙها ڊاهي پٽ

سڪرنڊ (ن ع آ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران سرڪاري ادارن ۽ شهرن اندر حددخليون هٽائڻ واري اعلان تي سڪرنڊ ۾ حددخلين خلاف آپريشن شروع. اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي، مختياڪار سڪرنڊ محمد وسيم لاشاري، ڊي ايس پي سڪرنڊ سمون خان بهڻ  پوليس ۽ ٽائون عملي سان گڏ سڪرنڊ شهر جي شاهي بازار ۾ دڪا ، ريڙها هٽرائي ڇڏيا. سندل ٽريڪٽر ٽرالي ۾کڻي ٽائون ڪاميٽي ۾ منتقل ڪري ڇڏيا. جڏهن ته ٽائون عملي جي مدد سان دڪان آڏو وڌيل دڪن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي ميڊيا کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد جي حڪمن تي عمل ڪندي شهر اندر ناجائز قبضن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي آهي. بنا رعايت ۽ فرق جي قبضا هٽايا ويندا. آپريشن مسلسل جاري رهندو. دوڪاندارن کي به گهرجي ته هو انڪروچمينٽ نه ڪن. اسان هنن کي نوٽيس پڻ جاري ڪيا هئا. پر دوڪاندارن ان تي عمل نه ڪيو مجبور ٿي اسان ڪارروائي ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.