ڪنڊيارو ۾ اسرا اسڪول ڪئمپس ۾سائنسي نمائش

ڪنڊيارو ( ن ع آ ) ڪنڊيارو  ۾ اسرا اسڪول ڪئمپس ۾ منعقد ڪيل  سائنسي نمائش ۾ ڊائريڪٽر اسرا اسڪولنگ سسٽم جنيد احمد ميمڻ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر الاابراھيم آئي ھاسپيٽل سڪندر علي شيخ خاص مھمان طور شرڪت ڪئي، جڏھن ته اي سي ڪنڊيارو عبدالغفور ڌامراھ  مختيارڪار ڪنڊيارو زاھد ڀٽي، پروفيسر عبدالستار ابڙو، پروفيسر نذير احمد کوسو، پروفيسر ڊاڪٽر نور احمد کوسو، علي حسن مڱريو،  سماجي ڪارڪن ياسر عرفات گھانگھرو سميت مختلف اسڪولن جي انتظاميا ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي شاگردن نجما ڪائنات، مريم طيبه مائره علي حسن قذافي، احمد انور ڏھراج، مدثر علي ٻين پاران تيار ڪيل پنجاھ کان وڌيڪ تيار ڪيل پراجيڪٽ رکيا ويا،  جنھن ۾ مادي جي بناوٽ انساني ھاضمي جو سرشتو ۽ ٻين شين جو نماءُ ڪيو ويو ،ان موقعي تي اسرا اسڪول پرنسپال ساجد کوسو، عبدالمالڪ کوسو، جنيد جبار ابڙو، نديم مڱريو، امان الله عباسي سميت اسڪول جا ٻيا استاد پڻ موجود ھيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.