هنن ڏٺو هنگلا ج ۾

تحرير؛رکيل مورائي

دنيا ۾ پکڙيل ڪيترن ئي ماڳن کي الڳ الڳ سڃاڻپون مليل آهن انهن ماڳن مان هنگلاج ماتاڃي مندرَ کي پڻ ساڳيو مرَتبو ۽ سڃاڻپ مليل آهي. هيءُ قديمي ماڳ هاڻ به اوتري ئي ڇڪ رکي ٿو جينري ڀٽائي جي دور ۾ رکندڙ هئو، جڏهن هنگلاج ياترا تي وڃڻ لاءِ ڪيترائي ڪشالا ڪڍڻا پوندا هئا، اڄوڪيون سفري سهولتون نه هيون، قافلا پيرين پنڌ سفر ڪندا هئا، انهن سفرن ۾ ڪي ياتري زندگيءَ تان هٿ کڻي ويهندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن جو اهڙو عقيدو هُئو ته هن سفر ۾ مري پوڻ انهن کي سُرڳ (بهشت) ۾ موڪليندو،a هنگلاج ماتا جا ياتري قديم دور کان ڏورانهن ڏيهن کان پنڌ سفر ڪري هن ماڳ تي پهچندا هئا جيڪو سلسلو اڄ به ائين ئي هلندڙ آهي، جيئن سوين سال اڳ هئو!

هنگلاج ماتا جو مندر هندو ڌرم جو پوتر ڌرمي (مذهبي) اسٿان آهي، جنهن کي عالمي مڃتا مليل آهي ۽ ان سان ڪيتريون ئي ڌرمي ڏند ڪٿائون به جڙيل آهن جن کان متاثر ٿي سنڌي ٻوليءَ جو اول ۽ آخر عظيم شاعر شاهه لطيف هنگلاج ماتا جي درشن لاءِ پيرين پنڌ سفر ڪيو هئو. نه رڳو اهو پر هُن اتان جي پوڄارين ۽ ياترين جي عقيدتمندي ڏسي انهن جي رهڻي ڪهڻي ڏسي، سناسين ۽ سامين جي هر عمل کي جانچي پنهنجي رسالي ۾ هڪ سُر تخليق ڪيو هئو، جنهن جو نالو آهي ”سُر رامڪلي“، جنهن جي هڪ هڪ سٽ ۾ ويدانت/تصوف ڀريو پيو آهي، ڪنهن به ڊگهي بحث ۾ پوڻ کان سواءِ مان شاهه جي عقيدي جو هڪ مثال هن ريت ڏيڻ چاهيان ٿو.

سچا سامي، سچا سامين پنڌ،

هُو ته وسي هر هنڌ، پر هنن ڏٺو هنگلاج ۾.

هنگلاج بلوچستان صوبي جي ڏاکڻي ضلعي ۾ آهي ۽ اڳياسنڌي سمنڊ آهي. هنگلاج بابت تاريخن توڻي شاعريءَ ۾ ڪيترو ئي لکيو ويو آهي. جنهن کان اسان جا پڙهندڙ واقف آهن پر هڪ ڪتاب جو ذڪر ڪرڻ مان نهايت ضروري سمجهان ٿو. جيڪو ناول جي صنف ۾ آهي، هڪ بنگالي ليکڪ جو لکيل آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري انڊين اسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران شايع ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ ڏيڍ صدي اڳ لکيو ويو هئو ۽ ڇپيو ويو هُئو بنگالي ٻوليءَ ۾ هن ناول جو نالو آهي ”مرووتيرٿ هنگلاج“ هن ناول ۾ ان سموري سفر کي ڏاڍي ڏکوئيندڙ انداز سان چٽيو ويو آهي، سفر ۾ ايندڙ ڏکيائيون وغيره بيان ڪيون ويون آهن ساڳئي وقت عقيدي جي شدت کي به اظهاريو ويو آهي. جيڪو عقيدو ڀٽائيءَ جي سُر رامڪليءَ مان پڻ وائکو ٿيندو آهي. اسان جي دوست بدر ابڙي پاران لکيل سنڌيءَ ۾ هنگلاج تيرٿ ڪتاب پڻ سنڌي پڙهندڙن جي اکين اڳيان گذريو آهي.

پر ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ سُر رامڪليءَ لکي ان اسٿان جي باريڪين کي جيڪو اظهار ڏنو آهي، ان جو مَٽُ شايد ئي ملي سگهي. شاهه سائين جي سُر رامڪلي تي هڪ ادبي مطالعاتي ويهڪ ان ئي اسٿان تي رکڻ خود ڀٽائيءَ کي به هڪ ٽربيوٽ ڏيڻ آهي ته هنگلاج ماتا کي به هڪ ڀيٽا آهي، جنهن عمل جي ساراهه ڪرڻ فرض ۾ شمار ڪرڻ گهرجي، جنهن فرض جي ادائگي ڪندي موري جي اديبن شاعرن ۽ عالمن جو هڪ قافلو اڄ هنگلاج ياترا تي روانو ٿي رهيو آهي، ان قافلي هڪ ادبي ۽ مطالعاتي ويهڪ سُر رامڪليءَ تي پڻ رکي آهي.

سچ پچُ هن قسم جا عمل انهن ادارن کي ڪرڻ گهرجن، جن کي ڪروڙن روپين جون سرڪاري بجيٽون ملندڙ آهن، اديبن شاعرن جي هن قافلي پاران هڪ ادبي پروگرام پڻ رکيو ويو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر ۽ نثر نويس مشتاق باگاڻي جي تازي آيل شاعراڻي ڪتاب ”ڪاري رات اتر ۾ ڪانڀو“ جو مهورتي پروگرام آهي. مان ڀانيان ٿو ته هن تهذيبي/تاريخي ۽ ڌرمي ماڳ کي ادبي ماحول ڏيڻ پڻ وقت جي گهرج آهي ڇاڪاڻ ته مذهبي/ڌرمي مڃتا ته اڳ ئي هن ماڳ کي مليل آهي پر ان جي هڪ سڃاڻپ تهذيبي پڻ هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته عالمي طور هن ماڳ کي تهذيبي ۽ تاريخي طور اڳ ئي قبول ڪيو ويو آهي، شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ داخل ٿي هن ماڳ کي ادبي طور به ته تهذيبي لحاظ هڪ اهڃاڻ طور ياد به ڪيو ويندو. سچ هن ماڳ بابت شاهه سائين جي لکيل سُرتي ڳالهائڻ يا لکڻ ۽ شاعريءَ معرفت هن ماڳ کي ڏسڻ وارو عمل ادبي دنيا ۾ اچڻ گهرجي.

اهو به سچ آهي ته اڄ جي سائنسي ايجادن جي حيرت انگيزي پنهنجي جڳهه تي نهايت اهميت رکندڙ آهي، پر قدرت /فطرت جي پراسراريت جي پنهنجي حيرت انگيزي آهي جيڪا انسان کي دلي توڻي دماغي طور گهڻو گهڻو موهندڙ آهي ۽ شخص ان پراسراريت ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ اهڙو لطف ماڻي ٿو جيڪو سندس روح ۾ سدائين رهجي وڃي ٿو. وسارڻ سان به وسري نٿو سگهي.

سنڌ جي اديبن عالمن کي هڪ علمي ادبي نظر سان به هن مهذبي/ڌرمي ماڳ کي ڏسڻ گهرجي ۽ اهڙي شروعات موري کان ٿي آهي جيڪا نهايت تسڪين ڏيندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته مورو منهنجي جنم ڀومي آهي ان ڪري ڪرم ڀوميءَ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ منهنجي لاءِ فخر جو سبب آهي. هن عمل جي شروعات ڪندڙ اديب دوستن اسد سولنگي ۽ اسلم عباسيءَ کي جس چوڻ تي دل چوي ٿي. ڇو ته هنن هڪ اهڙي تقريب جي شروعات ڪئي جيڪا اسان جي رهبر شاهه لطيف اسان کان ٽي سئو سال اڳ شروع ڪئي اسان سندس ادبي مڃتا واري ماڳ کي، سندس مشاهدي جي اک سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جيتوڻيڪ مشاهدو هر اک جو پنهنجو نجو هوندو آهي. اسين ته ان اُتساهه ۾ آهيون ته ”هلو تڪيا پسون تن جا“ جن پنهنجي سموري ڄمار تن کي تسيا ڏيئي پنهنجي رام کي ريجهايو جن بگرين ۾ سدائين بُک سانڍي رکي، جيڪي ڪنهن به مال نه موهيا ۽ بس!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.