ڪراچيءَ ۾ باهه جا واقعا،سوچيل سمجهيل سازش آهن ؟

ڪراچيءَ ۾ ڪجهه ڏينهن کان باهه جي واقعن سبب دڪاندارن کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي. ڪي ڌريون باهه جي واقعن پٺيان سازش جو اشارو ڏئي رهيون آهن، اختيارين، هميشه جيان واقعن جي جاچ ڪرڻ بعد سببن جي تعين ڪرڻ جي ڳالهه ڪري جند ڇڏائي ورتي آهي. معاملي جو پس منظر ڪهڙو به هجي پر اهو آهي انتهائي افسوسناڪ عمل، جنهن سان متاثر  واپارين جو وڏو نقصان ٿئي ٿو، جنهن جو پورائو ڪرڻ لاءَ کين ڳچ وقت لڳي ٿو وڃي.

ڪراچي شهر ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان باهه لڳڻ جي واقعن ڪري واپارين ۾ خوف پيدا ٿي ويو آهي، ٻه ڏينهن اڳ وڪٽوريا مارڪيٽ صدر ۾ باهه لڳڻ جو واقعو ٿيو هو.اهڙو ئي هڪڙو ٻيو واقعو ڪو آپريٽو مارڪيٽ ۾ پڻ ٿيو. عمومن باهه جي سمورن واقعن جي لاءِ اهو تصور هوندوآهي ته اهي اوچتو ٿين ٿا، اهڙي ڳالهه کي قبول ڪرڻ جي لاءِ به گهڻا ئي سبب آهن. اهي واقعا گهڻو ڪري انهن عمارتن يا مارڪيٽن ۾ ٿين ٿا جتي جي بجلي جي فٽنگ ڪافي پراڻي ٿيل هوندي آهي يا وري فٽنگ تازي ئي ٿيل هوندي آهي پر اها پائيدار نه هوندي آهي. جنهن ڪري اهڙن واقعن ٿيڻ جو اڪثر سبب بجلي جي سرڪٽ شارٽ ٿيڻ ئي قرار ڏنو ويندو آهي.

اسان اهڙي معاشري جو حصو آهيون جتي ڪو به ماڻهون ڪنهن به قسم جي ذميداري پاڻ تي کڻڻ جي لاءِ تيار نه هوندو آهي. هاڻوڪي باهه جي واقعن جي ميڊيا ۾ ٿيل رپورٽنگ موجب ته باهه جا واقعا اوچتو ٿيا آهن، بروقت انهن جا سبب سامهون نه آيا آهن ضلعي ڪراچي ڏکڻ جي ڊپٽي ڪمشنر  جو چوڻ آهي ته جاچ ڪرڻ کانپوءِ ان جي سببن جو تعين ڪري سگهبو.

سنڌ سرڪار کي به باهه جي اهڙن واقعن ڏانهن سنجيدگيءَ وارو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، اخباري اطلاعن موجب باهه جي انهن واقعن بابت  انهن مارڪيٽن جي واپارين الزام هنيو آهي ته اها هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ڄاڻي واڻي باهه ڏني وئي آهي، ممڪن آهي ته انهن واپارين جي ڳالهه درست به هجي جنهن لاءِ انهن کان پڻ انٽرويو ڪري تفصيل ورتا وڃن جيئن  اصل معاملي تائين پهچڻ ۾ مدد ملي سگهي، اهڙي نوعيت جي ڳالهه ڪندڙ واپارين وٽ ٿي سگهي ٿو ته ڪي جوڳا بنياد به هجن، جنهن تحت هنن اهڙي ڳالهه ڪئي هجي.

باھ لڳڻ سبب ڪيترائي دڪان ۽ گودام سڙي ويا آهن.زينب مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن صبح جو  11 وڳي اهو وقعو ٿيو جنهن ۾ 10  کان وڌيڪ دڪان ۽ گودام سڙي ويا، يا انهن کي  نقصان پهتو. ان دوران فائر برگيڊ جي 16 گاڏين تي مقرر عملي  8 ڪلاڪن کانپوءِ باھ  تي ضابطو آندو، واٽر بورڊ  جي عملي پڻ  20 کان وڌيڪ پاڻي جا ٽئنڪر فائر برگيڊ عملي کي ڏئي ان ۾ مدد ڪئي، امدادي ڪاررواين ۾ نيوي جي فائٽررز  به حصو ورتو، متاثر دڪاندارن موجب  باھ لڳڻ وقت فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڪيو  ويو پر فائر برگيڊ ۽ ان جو عملو بروقت نه پهتو جنهن ڪري نقصان  وڌيڪ ٿيو آهي،  دڪاندارن  جو الزام آهي ته  باھ هٿ سان ڏياري وئي آهي. متاثر ٿيندڙن سنڌ سرڪار کي  اپيل ڪئي آهي ته ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳائي هنن جي جيڪا ممڪن ٿي سگهي اها مدد ڪئي وڃي.

ڪراچيءَ جي شهر ۾ اهڙا واقعا ڪي پهريون ڀيرو نه ٿيا آهن، اڪثر باهه لڳڻ جا واقعا ٿيندا رهن ٿا، پر اسان وٽ انتظامي طور تي انهن  جي اصل سببن تائين پهچڻ ۽ ان کان پو ءِ انهن کي روڪڻ جي لاءِڪا به حڪمت عملي نه آهي، جنهن ڪري انهن واقعن تي متاثرن جو وقتي رد عمل ته شديد ٿئي ٿو پر ان جي لاءِ انتظاميه ڪنهن کي به ڪنهن قانون جي پابندي ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري نٿي سگهي.

اسان هنن سٽن ۾ سنڌ سرڪار توڙي سمورن اسٽيڪ هولڊرز  کي اهو عرض ڪرڻ چاهينداسين ته جيڪڏهن اهڙي سمورين مارڪيٽن ۾ لڳل پراڻي بجلي جي فٽنگ کي موزون ۽ مناسب طريقي سان ٺهرايو وڃي ته شايد ان جو هڪڙو پاسو اهو ممڪن حد تائين بچائي سگهجي ٿو،  ساڳي ريت سمورين مارڪيٽن ۾ چوڪيدار جو به هڪ مضبوط ۽ منظم سسٽم پڻ اهڙين واقعن کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

اهڙي ريت وسطيدار انتظاميه، دڪاندارن، مارڪيٽ جي دڪانن ۽ گدامن جي لاءِ موجود سمورن قانونن تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ به ٿورو تحرڪ وٺي ڪري واپارين کي ان جو پابند ڪر ي ته ان سان پڻ سٺو نتيجو نڪري سگهي ٿو.

اسان اميد ٿا ڪريون ته وس وارا باهه جي انهن واقعن جي جاچ ڪرائي جيترو به جلد ٿي سگهندو ان جي جاچ رپوٽ جاري ڪندا جيئن ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ ۾ مدد ملي سگهي. باهه جي واقعن جي جاچ ڪرائڻ هاڻي انڪري به ٿيڻ گهرجي جو ڪجهه سال اڳ هڪ  وڏي فيڪٽري کي  باهه لڳڻ جو سبب رڳو  ڪنهن بي ترتيب بجلي جي فٽنگ نه هو پر ان جي پٺيان هڪ وڏي مافيا موجود هئي. انڪري ڪراچيءِ شهر ۾ اهڙين امڪاني سازشن کي ڪنهن به ريت رد نٿو ڪري سگهجي.

اسان اها توقع ڪريون ٿا ته سنڌ سرڪار ڪراچي شهر ۾ هنن باهه جي ٿيل واقعن طرف ڌيان ڏيندي انهن جي متاثرن جي دانهن به ٻُڌندي ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ انتظاميه کي پڻ عمل جوڳيون هدايتون جاري ڪندي. جنهن سان واپارين جو اعتماد وڌندو ۽سماجي سطح تي هم آهنگي جي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

اسان هتي اها ڳالهه به رکڻ چاهيون ٿا ته اهڙين واقعن کي نج واقعا سمجهي انهن جي مڪمل ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ تائين انهن جي جاچ ۾ انتظاميه جي مدد ڪئي وڃي اهڙن  معاملن کي بنا ڪنهن بنياد جي سياست جي ور نه چاڙهڻ گهرجن، جنهن سان منفي سوڄ ۽ فڪر کي وڌڻ جو سبب ملندو جيڪو معاشر جي توازن کي ناس ڪري ڇڏيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.