عمران خان جي حڪومت ۽ ميڊيا جا سُور

تحرير؛سڪندرساهووال

گذريل ڏينهن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پاران صحافين جي معاشي قتل عام ۽ پي ايم ڊي اي جي ڪاري قانون خلاف اعلانيل لانگ مارچ جي سلسلي ۾ اسلام آباد جي سيرينا هوٽل ۾ تاريخي قومي ڪنوينشن ٿيو. ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز شريف قومي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته نااهل حڪومت پنهنجون نالائقيون ۽ ناڪاميون لڪائڻ لاءِ ميڊيا جو ڳلو دٻائڻ چاهي ٿي، جيڪا پي ايم ڊي اي جو ڪارو قانون ٺاهي رهي آهي. هن چيو ته مسلم ليگ نواز پي ايف يو جي لانگ مارچ جي نه رڳو حمايت ڪري ٿي پر جڏهن مارچ سنڌ مان ٿيندو پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿيندو ته مريم نواز ۽ نواز شريف جا ساٿي ڀرپور شرڪت ڪندا. هن "گرتي هوئي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو” جو نعرو هڻندي چيو ته حڪومت کي آخري ڌڪو ڏيڻ جو وقت اچي چڪو آهي. هن پي ايف يو جي قومي جرنلسٽس ڪنوينشن کي وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته آئون سڀني صحافين کي پنهنجو هيرو سمجهان ٿي. صحافين تي ٿيندڙ حملن، تشدد ۽ اغوا جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿي. صحافين تي حملن جي سيف سٽي اسلام آباد جا ڪميرا به ڪم نٿا ڪن. هن چيو ته ملڪ کي جادو ڦيڻي ۽ منتر سان هلايو پيو وڃي ۽ سچ ڳالهائيندڙن ۽ چوندڙن کي نوڪرين مان ڪڍيو وڃي ٿو. هن چيو ته ججن کي استعمال ڪندڙن جو نالو ڪوبه نٿو ڄاڻي. اهي ڪنهن کي به نظر نٿا اچن. انهن جو نالو وٺندڙن کي غدار چيو وڃي ٿو ۽ بلوچستان جي حوالي سان ڳالهه ڪندڙن کي انڊيا جو ايجنٽ چيو وڃي ٿو. اڄ پاڪستان جو عوام باشعور ٿي ويو آهي. جيڪو ظلم خلاف ظالمن سان ويڙهه پيو ڪري.

حامد مير ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته حالتون نومبر 2007 کان به وڌيڪ خراب آهن، 2007 ۾ مون تي رڳو ٽي وي تي ڳالهائڻ تي بندش هئي هاڻ آئون اخبار ۾ لکي به نه ٿو سگهان. هن چيو ته ايوب جي آمريت وارن ڏينهن ۾ اسانکي پنهنجي دشمن جي خبر هئي پر هاڻ دشمن نامعلوم آهي هن چيو ته ثاقب نثار جي فون ڪال جي ته ڳالهه ٿئي ٿي پر ان ڪال جي به ڳالهه ٿيڻ گهرجي جنهن جي ڪري ميڊيا تي بندشون لڳيون آهن. هن چيو ته غير اعلانيه سينسر شپ خلاف جمهوريت ۽ آئيني بالادستي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي صحافي سليم صافيءَ چيو ته ملڪ ۾ بحران ئي بحران آهي اسين پي ايف يو جي هن تحريڪ ۾ گڏ آهيون. پاڪستان بار ڪائونسل جي صدر احسن ڀون پي ايف يو جي تحريڪ جي حمايت ڪندي چيو ته، موجود حالتن ۾ اظهار راءِ جي ازادي جي تحريڪ سمورن جمهوريت پسند ڌرين وڪيلن ۽ صحافين جي گڏيل تحريڪ آهي هن چيو ته، سياسي پارٽين سدائين اسٽيبلشمينٽ جي آسري تي سياسي فيصلا ڪيا آهن کين ٻئي در واجهائڻ بجاءِ عوام جي طاقت تي يقين رکڻ گهرجي.

پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافين جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ تحريڪ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون.

اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ملڪ گير صحافتي ڪنوينشن ۾ پي ايف يو جي مرڪزي صدر شهزادي ذالفقار چيو ته اسان تحريڪ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن 15 نقاطي چارٽر آف ڊمانڊ حڪومت کي ڏئي چڪا آهيون 15 ڏينهن کانپوءِ تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو ٽينٽ ۾ سمهنداسين بک ڏک برداشت ڪري لانگ مارچ ڪري هڪ نئين تاريخ لکنداسين. لانگ مارچ ڪوئٽا کان شروع ٿيندو ڪراچي حيدراباد ۽ سکر کان ٿي پنجاب جي سرحدن ۾ داخل ٿي لاهور کان اسلام آباد پهچندو جتي ڌرڻو لڳندو ۽ مطالبن جي مڃتا تائين بک هڙتال جاري رهندي پي ايف يو جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ناصر زيدي چيو ته اسان جي تاريخ مزاحمت جي تاريخ آهي اسان ماضيءَ ۾ به آمريتن جو مقابلو ڪيو ۽ هن حڪومت ۾ به زبان بنديءَ ۽ صحافين جي معاشي قتلام خلاف جدوجهد جي ميدان ۾ هونداسين پي ايف يو جي اڳواڻ افضل بٽ چيو ته حڪومت ڪارا قانون آڻي ميڊيا کي سنگهرن ۾ جڪڙڻ گهري ٿي هزارين صحافي بي روزگار ٿيا آهن اسان وٽ جدوجهد کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي بچو ,سنڌ بلوچستان خيبر پختون خواه ۽ پنجاب جا ساٿي لانگ ڪري فتح ماڻيندا

انساني حقن واري تنظيم ايڇ آر سي پي جي چيئرپرسن حارث خليل صحافتي ڪنوينشن ۾ ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ ان حد تائين سينسر شپ آهي جو هتي ماحوليات سرمائيداراڻي جبر سياست ۽ بنيادي انساني حقن تي ڳالهائي نٿو سگهجي هن تحريڪ جي حمايت ڪندي چيو ته اظهار راءِ جي ازادي کان سواءِ ملڪ اڳتي وڌي نه ٿو سگهي صحافتي ڪنوينشن ۾ عاصمه شيرازي ۽ احمد علي خان شرڪت ڪري حمايت جو يقين ڏياريو جڏهن ته پي پي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل فرحت الله بابر چيو ته اظهار راءِ جي آزادي واري تحريڪ رڳو صحافين نه پر اسان جي گڏيل تحريڪ آهي.

قومي جرنلسٽس ڪنوينشن ۾ سنڌ مان پي ايف يو جي جي اڳواڻ لالا رحمان سمون, حيدرآباد پريس ڪلب جي سيڪريٽري اقبال ملاح، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر جئه پرڪاش موراڻي, جنرل سيڪريٽري جاني خاصخيلي, خزانچي ڄام فريد لاکو, تنوير آرائين, سکر مان لالا اسد پٺاڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هاڻ محسوس ڪري سگهجي ٿو ته شايد يو ٽرن وٺندڙ حڪومت کي گهر ڀيرو ئي ٿيڻو پوندو، ان ۾ ئي ملڪ جي سالميت آهي. جنهن حڪمران کي حڪومت پليٽ ۾ ملي ۽ وري ملڪ کي نه هلائي سگهيو ته اهڙي حڪمران کان اسان لاءِ پراڻا چور، ڌاڙيل حڪمران ئي بهتر آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.