فلسفَي جو عالمي ڏينهن

تحرير؛نصرت سڪندر

ڪالهه سڄيءَ دنيا ۾ ”فلسفي جو عالمي ڏينهَن“ ملهايو ويو. ’فلسفو‘، يوناني لفظ ”فلوسوفيا“ مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب ”حڪمت سان محبّت“ آهي. فلسفو، انساني فڪر جَي سڀ کان اهم شعبن مان هڪ آهي، ڇو ته، اِهو زندگيءَ جي اصل معنيٰ جي ڳولا ۾ مدد ڪري ٿو. فلسفو، هڪ حقيقت ۽ وجود جي نوعيت سان گڏ، صحيح ۽ غلط رويّن جو اڀياس آهي. جيئن ”سوال“، ڏاهپَ جو دروازو آهي، تيئن ”حيرت“ فلسفي جِي جَڙَ آهي. اصل ۾، فلسفو انسانن جَي پنهنجي پاڻ ۽ جنهن دنيا ۾ اُهي رهن ٿا، اتي اُسرندڙ حيرت جَي فطري لاڙن مان پيدا ٿئي ٿو. هي اهو ميدان آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي ”حڪمت“ جَي رُوپ ۾ متعارف ڪرائي ٿو. گڏوگڏ اِهو هر وجُود کي پنهنجي عڪاسيءَ تي غور ڪرڻ، حقيقتن ۽ سچائين تي ٻڌل سوال ڪرڻ، ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ مفرُوضن جي پڪ ڪرڻ ۽ نتيجا اخذ ڪرڻ جا رستا به ڏيکاري ٿو.

صدين کان هر ثقافت، مختلف فلسفياڻن خيالن، نظرين ۽ تجزين کي جنم پئي ڏنو آهي ۽ ان جي وسيلي تنقيد، آزاداڻَي ۽ تخليقي فڪر جو بنياد پئي رکيو آهي. فلسفي جو عالمي ڏينهن، فلسفياڻِي عڪاسيءَ جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي، ته پوريءَ دنيا جي ماڻهن کي هڪٻئي سان گڏجي پنهنجي فلسفياڻي ورثي جي ڏي وٺُ جي ترغيب پڻ ڏئي ٿو. ”يُونيسڪو“ اِن ڏينهن کي ملهائڻ رستي، دنيا جي مختلف سماجن سان سلهاڙيلَ ماڻهن لاءِ جمهوري فلسفي، انساني حقن، انصاف ۽ ڀائيچاري جهڙن اُنهن اصولن ۽ قدرن جو تصوّراتي بنياد مهيّا ڪري ٿو، جن تي دنيا جَي امن جو دارومدار آهي. فلسفو، امن ڀرين، گڏيل بقا جي انهن مڃيل بنيادن کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڏئَي ٿو. فلسفي جو عالمي ڏينهن، 2002ع ۾ گڏيل قومن جي ”تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم“ (يُونيسڪو) متعارف ڪرايو هو. ان کان 3 سال پوءِ، 2005ع ۾ ”يُونيسڪو“ جِي جنرل ڪانفرنس اهو اعلان ڪيو، ته فلسفي جو عالمي ڏينهن، هر سال نومبر جي هر ٽِينءَ خميس تي ملهايو ويندو. فلسفي جو عالمي ڏينهن ملهائيندي، ”يُونَيسڪو“، فسلفياڻي بحث جي بين الاقوامي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جيڪو انساني وقار ۽ گهڻ رنگائيءَ جَي احترام جِي هڪ اثرائتِي ڪوشش آهي. هي ڏينهن علمي تبديليءَ جي حوصلي افزائي ڪري ٿو ۽ عالمي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ فلسفياڻي علم جي تعاون تي زور ڏئي ٿو.

”يُونيسڪو“ هيٺيَن مقصدن جي حاصلات لاءِ فلسفي جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات ڪئي:

ـ فلسفي لاءِ مڪاني، قومي، توڙي بين الاقوامي عزم ورجائڻ. ان ڏَس ۾ وقت جي اهم مسئلن تي فلسفياڻو تجزيو، تحقيق ۽ مطالعي کي هٿي وٺرائڻ، ته جيئن انهن چيلينجز جا وڌيڪ اثرائتي نموني جواب ڏئي سگهجن، جن جِي انسانذات کي اڄ ضرورت آهي.

ــ ايندڙ نسلن لاءِ فلسفي جِي تعليم، ان جِي عالمِي وُسعت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ فلسفي جي اهميت ۽ ان جَي تنقيدي استعمال بابت عوامي جاڳرتا کي وڌائڻ لاءِ سمورن معاشرن جي ۽ گلوبلائيزيشن يا جدّت اختيار ڪرڻ جي اثرن ڪري پيدا ٿيندڙ اڻ برابريءَ تي خاص ڌيان ڏيندَي، سڄيءَ دنيا ۾ فلسفي جي تعليم جي صورتحال جي ڪَٿَ ڪرڻ.

هن سال، ڪالهه ملهائجندڙ ”فلسفي جو عالمي ڏينهن“ انسانن جي سماجي، ثقافتي، جاگرافيائي ۽ سياسي ماحول سان گڏوگڏ مختلف معاملن تي بحث جي شروعات ڪري ٿو، جنهن جو بنيادي مقصد مختلف معاشرن ۾ فلسفي جي شموليت ۽ انهن کي درپيش چيلينجز، خاص طور ڪورونا جهڙن وبائي مرضن کي بهتر طور سمجهڻ آهي. فلسفي ۽ ان کان به وڌيڪ بين الثقافتي فلسفي جو تعلق هر معاشري جي ڌار ڌار گُهرجن سان آهي ۽ انڪري اهو پنهنجي جوهر ۾ سماج جي تبديليءَ سان تعلق رکي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.