زاهده ابڙو جي شعري مجموعي "آءُ ته سُندرتا ڳوليون” جو اڀياس

تحرير؛ساجدمسڻ

زاهده ابڙو صاحبه هڪ ئي وقت ڪالمنگارا،  بهترين شاعره ۽ سٺي تجزي نگارا پڻ آهي.

سندس لکڻيون هن سماج جو چٽو مظهر آهن، پاڻ وسيع مشاهدو، جھجھي معلومات ۽ سندر خيال رکڻ واري ۽ ليکڪه آهي. جهڙو سندس ڪتاب جو نالو  "آءُ ته سُندرتا ڳوليون” آهي، اھڙي ئي پاڻ به خيالن ۾ سندرتي آهي. اهڙي شاهدي هن ڪتاب جو مهاڳ لکندڙ تاج بلوچ به ڏني آهي.

لکي ٿو ته جيتري قدآور ۽ خوبصورت آهي، هن جو وجود به شايد ايترو ئي پربت جيڏو سگهارو ۽ سونهن پرور آهي.  تاج بلوچ صاحب سندن لاءِ اڳتي لکي ٿو ته زاهده پنهنجي تخليقن ۾ همعصر زندگيءَ جي بنيادي مسئلن جو نه رڳو ادارڪ ڪيو آهي، پر ان جي بنيادي تضاد کي به وائکو ۽ بي نقاب ڪيو آهي.

زاهده ابڙو جو هي ڪتاب هن سماج جي چڱاين، لڱاين، واقعن وارتائن، حادثن، اهنجن، پيڙائن جي مڪمل عڪاسي ڪندڙ آهي،بلڪل ائين ئي پاڻ جتي به ڪو واقعو يا وارتا ڏٺي اٿائين ته ان واقعي کي خوبصورت لفظن جو ويس پارائي سهڻن خيالن ۾ قلمبند ڪيو اٿائين، جنهن کي اسين آزاد نظم يا نثري نظم جو نالو ڏيون ٿا.

ميڊم زاهده ابڙو صاحب احساس پرست، سماج سڌارڪ ،سماج دوست،روشن خيال،ترقي پسند سوچ رکندڙ ۽ سائنسي خيال واري خاتون مائي آهي.

مون سندس ڪيتريون ئي شاندار تحريرون ۽ گهريون تخليقون پڙهيون آهن، جن ۾ پاڻ سدائين روشن خيالي واري تت سان پنهنجي لکت جي پڄاڻي ڪندي آهي، سندس هر تحرير ۾ پُر اميد رهڻ وارو پيغام ئي مليو آهي.  سندس قلم هميشه غريب طبقي ۽ پيڙهيل عوام جي ترجماني ڪئي آهي، اهڙي ڳالھه پاڻ به زاهده ابڙو پنهنجي پاران ۾ ڪئي آهي، لکي ٿي ته منهنجو قلم گهڻو ڪري سماجي مسئلن کي محسوس ڪري جنبش ۾ آيو آهي ۽ مون انساني مسئلن تي دل ۾ درد محسوس ڪندي لکيو آهي.

هونئن به اصل ليکڪ يا ليکڪه جو اهو ئي ته ڪم هوندو آهي، جيڪو سماجي مسئلن جو ايڪسري ڪڍي بيان ڪري.

سندس ان پهرين شاعري جي مجموعي ۾ ٽوٽل 122 خوبصورت نثري نظم ڏنا آهن.

سندس هر هڪ نثري نظم پنهنجي پنهنجي اهميت رکي ٿو.

نثري نظم "هوءَ ڪيڏي نه چري هئي” ۾ شاعره عورت جو ڪيڏو نه درد محسوس ڪيو آهي، حقيقت به ائين ئي آهي ته عورت ويچاري هر دور ۾ قرباني جو ٻڪر ئي بڻي آهي.

سندس سٽون آهن ته

اک جڏهن هن جي پٽي،

دنيا  هن  جي  لُٽي…

”پاڻ رولي پيئي“ وارو خيال ڏسو ته ڪيئن عورت جي مجبوري ۽ محبت جو گڏيل احساس بيان ڪيو اٿائين.

پاڻ رولي پيئي…

ڪنهن کي ڳولهي پيئي…

روح جي رُڃ ۾،

هوءَ آ هيڪلي…

سندس نظم "وري بُک کٽي وئي” ڪيڏو نه درد ڀريو ۽ احساسن ڀريو آهي، جنهن ۾ هڪ ماءُ غربت سبب پنهنجي ڌيئرن کي بُک کان مجبور ٿي زهر ڏنو ھو.

سٽون آهن ته

بُک ۾ پاهه نينگريون…

ڏسي روئي پئي هئي ماءُ!

وري بُک کٽي وئي…!

هارائي وئي هئي ماءُ!

اڄڪلهه انسان کي سمجهڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي، ظاهر ۾ هڪڙي ڳالهه ته اندر ۾ ٻي ڳالهه اٿس، جنهن تي ڀروسو يا يقين ڪر ته اهو ئي دوکو ٿو ڏي،پنهنجي دل نادان کي سمجهائيندي زاهده ابڙو چئي ٿي ته

ڪيڏو آ ڏکيو سمجهڻ انسان کي

دوکو روز ڏئي ٿو انسان، انسان کي.

روپ ۾ ڪنهن جي ٻهروپ آهي لڪل،

ڪهڙي خبر آ هِن دلِ نادان کي.

جڏهن سندس خيال يا سوچ وحشي دردندن جي عملن ڏانهن ڊوڙي ٿي ته، سندس اندر مان هي زوردار دانهن نڪري ٿي ته،

هي ڪهڙو هٿ شيطاني آ؟

جو ننگ کڻي ۽ لڄ لٽي…

هيءُ هٿ نه ڪنهن جي هٿ اچي،

هي ڪهڙو هٿ شيطاني آ؟

ميڊم زاهده ابڙو پنهنجي انداز ۽ اندر واري اک سان هن سماج کي ڏسڻ، پرکڻ ۽ جانچڻ جي ڳالھ هن طرح سان ڪئي آهي.

چوي ٿي ته

ڪارن ڪوجهن چهرن ۾

ماڻهن ڪجهه اٻوجھن ۾

آءُ ته سُندرتا ڳوليون

 

ڪچڙن ڪچڙن گهرڙن ۾

ڊَٺل ڦِٽل ڪجهه شهرن ۾

آءُ ته سُندرتا ڳوليون

ڪجهه ٽوهن ڪانڊيرن ۾

سُڪل وڻن  جي  ٽارين  ۾

آءُ ته سُندرتا ڳوليون.

سندس هي پهريون شاعري جو مجموعو "آءُ ته سُندرتا ڳوليون ”  پنهنجي ئي اداري ھمسري طرفان شايع ٿيو آهي.

هن ڪتاب جي اهم ڳالھه اها آهي ته شاعره زاهده ابڙو جا جيڪي به آزاد ۽ نثري نظم آهن، انهن جو ٻئي پيج تي انگريزي ۾ ترجمو پڻ ٿيل آهي،مطلب ته جنهن کي سنڌي ٻولي پڙهڻ يا سمجھڻ ۾ نه ٿي اچي ته اهي انگريزيءَ ۾ سندس خيال پڙهي سگهن ٿا، جيڪو پنهنجي نوعيت ۾ بهترين ڪم پڻ آهي.

هي ڪتاب 282 صفحن تي ٻڌل آهي، جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي، ڪتاب ھمسري ٽيم حيدرآباد وٽان خريد ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.