سيد پرويز علي شاهه به موڪلائي ويو !

تحرير؛وهاب منشي

پرويز علي شاهه جو نالو سياست ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. هو منهنجي والد مرحوم شهاب الدين منشي جو 1985 کان دوست هو. اسان جي خاندان جو سنڌ جي سياسي ادبي دوستن سان خاص تعلق رهيو آهي،  سائين شمشرالحيدري  به ڄڻ اسان جي گهر جو فرد هو انهن ئي ڏينهن ۾ هو اڪثر اسان وٽ ئي  رهيل  هوندو هو، پرويز علي  شاهه، ذوالفقار علي ڀٽو جو جيالو هو، منهنجو والد به پيپلز پارٽي جو باني ميمبر هو.

پرويز علي شاهه سان منهنجي دوستي   2006 ۾ ٿي. ڪراچي ۾ هڪ دعوت دوران ڊاڪٽر عارف علوي  جي  گهر تي عمران خان منهنجي پرويز علي شاهه سان واقفيت ڪرائي هئي.

ڪچهري دوران  جڏهن منشي فيملي جو ذڪر نڪتو ته منشي هائوس جو به ذڪر نڪتو،منهنجي والد ۽ شمشير الحيدري جو تعلق به بحث هيٺ آيو،ان دوران ايم آر ڊي جي تحريڪ جو به ذڪر نڪتو .اهڙي طرح اسان ۾ وڌيڪ ويجهڙائي ٿي وئي. ان ملاقات کانپوءِ ٻئي ڏينهن عمران خان کي حيدر آباد  ۾ مير علي احمد ٽلپور جي ورسي ۾ شريڪ ٿيڻو هو. طئي ٿيل  پروگرام موجب ورسي ۾ شرڪت کانپوءِ  منشي هائوس تي دوستن سان ملاقات جو بندوبست ڪيل هو.

اسان ڪراچي مان  گڏ  نڪتا سين .پرويز علي شاهه ڪافي متحرڪ ۽ پرجوش هو جيڪو ئي  گاڏي هلائي رهيو هو، عمران خان اڳين سيٽ تي ۽ مان معراج محمد خان سان گڏ پوئين سيٽ تي ويٺا هئاسين، مير صاحب جي ورسي جي موقعي تي مير حيدر ٽالپور سان ملاقات کانپوءِ  دوستن سان  ملاقات لاءِ عمران خان ۽ پريز علي شاهه سميت سمورو سٿ  منشي هائوس آيو.ملاقات ڪندڙن ۾ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙماڻهو  هئا.جنهن دوران سياست توڙي مستقبل جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون، آيل مهمانن تحريڪ انصاف جي پروگرام ۽ سندن رٿائن، نظرين بابت ملاقات ڪندڙ دوستن کي آگاهه ڪيو.

پيپلز پارٽي سان پراڻي تعلق جي بنياد تي منهنجي والد مرحوم شهاب الدين منشي  جو پارٽي جي مرڪزي قيادت سان ذاتي لڳ لاڳاپو جڙي ويو هو، مونکي ياد آهي ته 1995 ۾ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه. حيدرآباد ۾منهنجي والد سان  دڪان تي پڻ ملاقات ڪرڻ ايندو هو. منهنجي والد 1995 ۾ هڪ ڪيس ۾ سيد قائم علي شاهه جي ضمانت ۾ پڻ مدد ڪئي هئي.

منهنجو والد اسان کي اڪثر پريز علي شاهه  سان جُڙيل سندس يادگيريون ۽ جيل جي دنيا جا قصا ٻڌائيندو هو تحريڪ انصاف جو وفد  جڏهن اسان وٽ مهمان ٿي آيو ته ، منهنجي والد عمران خان کي پرويز علي شاهه جي زندگيءَ ۽ سندس جدوجهد بابت  ڪافي تفصيل ٻڌايا جنهن کان عمران خان  ڪافي متاثر ٿيو هو،

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پريز علي شاهه جي آمريت خلاف جدوجهد ۽ پيپلز پارٽي جي لاءِ ڏنل قربانيون تاريخ جو هڪ حصو آهن. پرکيس شڪايت هئي ته  پيپلز پارٽي سندس قدر نه ڪيو، جنهنڪري پرويز علي شاهه 1997 ۾ پارٽي سان اختلاف  ڪندي الوداع ڪيو. ان بعد پرويز علي شاهه پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو گروپ  جي سربراهه غنويٰ ڀٽو سان ملاقات ڪري ان پارٽي ۾ شامل ٿيو.ڪجهه وقت ان پارٽي ۾ رهيو پر اتي به مطمئن نه هو جنهن کانپوءِ هن پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي. هو پي ٽي آءِ سنڌ جو صوبائي صدر رهيو. جتي به هو عمران خان جي مزاج ۽ پارٽي جي اندروني ڄنڊا پٽ واري عمل سبب جلد بيزار ٿي ويو. ان کانپوءَ هن پيٽرياٽ فورم جوڙيو جيڪو به هلي نه سگهيو.

پرويز علي شاهه جي سياسي زندگيءَ جو ڳچ حصو ڏکن ۽ سوُرن تي ٻڌل آهي. هو پهريون ڀيرو 1988 ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهيو هو. سندس مقابلي ۾پير پاڳارو حرن جو روحاني پيشوا سيد شاه مردان شاهه بيٺل هو ،  پير جو ڳوٺ پڻ انهيءَ تڪ ۾ هو جتي پاڳاري جو گهر آهي. ان اليڪشن ۾ سيد پريز علي شاهه ڪامياب ٿي ويو. جيڪو بعد ۾ نوجوانن جي معاملن جو وفاقي وزير بڻيو.پير پاڳاري وڏي دل ڪندي ان ڪاميابي تي کيس مبارڪون پڻ ڏنيون هيون. سن 2011 ۾اسان پير صاحب پاڳاري سان ملاقات ڪري هن کان  پرويز علي شاهه کي معافي ڏيڻ جي لاءِ عرض ڪيو هو جيڪو پير صاحب قبول ڪري ورتو. آخري وقت ۾ سيد پرويز علي شاهه سياست مان بيزار ٿي ويو هو.

پرويز علي شاهه سان منهنجي  آخري ملاقات ڪراچي ۾  سندس فرزند سيد شهزاد شاهه جي معرفت  ٿي هئي. سندس وفات يقينن پرويز علي شاهه جي دوستن ۽ سندس ڪُٽنب لاءِ هڪ ڏک جي گهڙي آهي. سندس پونيئرن سان ڏک ونڊيندي الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعاگو آهيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.