صدر ۾ باهه واقعا سازش هئا ته ڪنهن کي به بخش نه ڪبو: ڌاريجو

ڪراچي(رپورٽر) صنعت ۽ واپار ۽ گڏيل رابطن واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ميڊيا سان ڳالھه ٻولھه ڪندي چيو ته مارڪيٽن ۾ باھ جي واقعن جي مڪمل جانچ ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن سازش جا ثبوت مليا ته انهن کي نه ڇڏيو ويندو ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته فائر برگيڊ جي باھ واري هنڌ تي دير سان پهچڻ واري خبر صحيح ناهي، فائر برگيڊ جي عملي پنهنجي ذميواري سٺي ريت ادا ڪئي. هن چيو ته ڳتيل مارڪيٽن ۾ حفاظتي انتظامن لاءِ واپاري برادري اڳتي اچي مسئلن جي نشاندهي ڪري. سنڌ حڪومت ساٿ ڏيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.