ناظم جوکيو ڪيس ۾ اهم موڙ، فريادي افضل جوکيو ڄام عبدالڪريم جوکيو کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو+) مقتول ناظم جوکيو قتل ڪيس جي فريادي افضل جوکيو پنهنجو بيان تبديل ڪندي قتل ڪيس مان ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو، اهڙو بيان مقتول جي ڀاءُ افضل جوکيو ملير جي عدالت ۾ 164 جي بيان ۾ لکت ۾ عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي، افضل جوکيو عدالت اڳيان 164 جي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته آئون پنهنجي ڀاءُ ناظم جوکيو سان گڏ آچار سالار ويس ته هڪڙي گاڏي کي منهنجي ڀاءُ هٿ ڏنو گاڏي وارن گاڏي بيهاري ۽ پڇن ته اسان ڪير آهيون ته منهنجي مرحوم ڀاءُ چيو ته هتي شڪار منع آهي انهن منهنجي ڀاءُ کان پڇيو ته پوءِ انهن چيو ته اسين سردار گهرام جا ماڻهو آهيون انهن ماڻهن منهنجي ڀاءُ کي ٿپڙ هنئي منهنجي مرحوم ڀاءُ وڊيو ڪڍي پئي ته انهن ماڻهن منهنجي ڀاءُ کي ٿڦڙ هڻي موبائل ڪرائي ڇڏي منهنجي ڀاءُ انهن کي منع ڪيو ته هتي شڪار نه ٿيندو آهي پر هي نه مڙيا پوءِ ماڻهو اتان هليا ويا ۽ اسان پنهنجي وڏن کي گهرايو تقريبن چار کان پنج وڳي ان دوران منهنجي ڀاءُ 15 تي به ڪال ڪئي ساڳئي ڏينهن 2021-11-02 تي رات 8:00 بجي ملزم جمال مونکي فون ڪئي ۽ چيائين ته اها وڊيو مٽايو ملزم جمال نياز کي فون ڏني ۽ نياز مونکي سردار گهرام عرف ڄام اويس بجار سان ڳالهرايو جنهن مونکي گار ڏني ۽ چيائين ته پنهنجي  ڀاءُ کي پيش ڪر ۽ آئون پنهنجي ڀاءُ کي سمجهايو پر هو نه مڙيو جڏهن اسان اتي ويٺل حاجي محمد اسحاق جوکيو، وڏيرو حاجي محمد خان، معراج جوکيو، عبدالرزاق سالار ۽ نياز سالار انهن مان معراج ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ گذاري ويو آهي پوءِ اسان اتان هليا وياسين، واپسي ۾ مون پوسٽ رکي ته منهنجي ڀاءُ کي ڄام اويس بجار قتل ڪيو آهي، هن وقت ڄام ڪريم مونکي ساک ڏني آهي ته هن قتل ۾ ان جو ڪوبه تعلق نه آهي پر ڄام اويس ۽ ٻيا ملوث آهن، ڄام عبدالڪريم کي هن ڪيس مان ڪڍيو وڃي ۽ ڄام عبدالڪريم هن ڪيس ۾ ملوث نه آهي، جوابدار ڄام اويس جي وڪيل مطابق مقتول جي ڀاءُ پاران ڪيس ۾ دهشتگردي جون شقون شامل ڪرڻ جي درخواست به واپس ورتي وئي آهي ۽ عدالت ڪيس ۾ دهشتگردي جون شقون شامل ڪرڻ بابت درخواست اڪلائي ڇڏي آهي،  جڏهن ته ان کان اڳ فريادي افضل جوکيو دعويٰ ڪئي هئي ته هن ڪيس مان ڄام عبدالڪريم جو نالو ڪڍرائڻ جي حوالي سان ڪو بيان ناهي ڏنو، هو جوابدارن جي حوالي سان پنهنجي موقف تي قائم آهي پر سندس 164 واري بيان جي ڪاپي سندس انهي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ واضع طور تي هن ڄام عبدالڪريم کي ڪيس مان آجو قرار ڏيڻ جو بيان ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.