افضل تي دٻاءُ هوندو، ڄام عبدالڪريم کي ڪڏهن به معاف نه ڪنديس: شيرين جوکيو

ملير (ڊ ر) مقتول جي وني شيرين جوکيو چيو آهي ته مان بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ٿي ڪريان ته تو پنهنجي ماءُ جي خون سان ته انصاف نه ڪري سگهيو پر اسان کيس انصاف لاءِ اپيل ڪريون ٿا ته اسان کي انصاف ڏياريو وڃي، هن چيو ته افضل گهر آيو پنهنجي ڀاءُ کي چيو ته ڄام عبدالڪريم توهان کي گهرايو آهي ۽ افضل ئي ناظم کي ڄام عبدالڪريم ڏانهن وٺي ويو هاڻي افضل ڪيئن ٿو چوي ته ڄام عبدالڪريم ڪيس ۾ ملوث نه آهي اهو سڀ ڪجهه ڄام عبدالڪريم ئي ڪيو آهي ان ڳالهه جي مان پاڻ شاهد آهيان ته اها ڳالهه افضل پنهنجي ڀاءُ ناظم سان ڪئي هئي، شيرين جوکيو چيو ته مونکي پاڻ افضل جوکيو چيو هو ته ڄام عبدالڪريم ناظم جي قتل ۾ ملوث آهي ان کي گرفتار ڪيو وڃي هاڻي خبر ناهي ته افضل جوکيو مٿان ڪهڙو دٻاءُ وڌو ويو آهي يا کيس پئسن جي لالچ ڏني وئي آهي کيس خبر ناهي ته ڪهڙو ڊپ آهي جو هو ڪيس وڙهڻ نٿو چاهي، مون ڪنهن کي به معاف ناهي ڪيو، شهيد جو ڪيس وڙهڻ لاءِ مان ۽ ناظم جي ماءُ ويٺا آهيون اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪيس تان هٿ نه کڻنداسين ڀلي اسان کي قتل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.