ٽي ايل پي سربراهه حافظ سعد رضوي ڪوٽ لکپت مان آزاد

لاهور (م ڊ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي سربراهه حافظ محمد سعد رضوي کي آزاد ڪيو ويو آهي، تفصيل موجب تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي سربراهه حافظ محمد سعد حسين رضوي کي صوبائي گادي واري شهر لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ٽي ايل پي جي ترجمان به سندس آزادي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سعد رضوي مسجد رحمت اللعالمين پهچي ويو آهي. سعد رضوي اڄ  پنهنجي پيءُ علامه خادم حسين رضوي جي عرس تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. عرس جون تقريبون 21 نومبر تائين جاري رهنديون. ان حوالي سان گهرو وزارت جي ذريعن موجب سعد رضوي کي پهريون ڀيرو اپريل 2021 ۾ هڪ مهيني جي لاءِ نظر بند ڪيو ويو،کيس ڊي سي جي حڪم تي نظر بند ڪيو ويو هو ۽ نظربندي جي دوران سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.