ناظم جوکيو ڪيس جي ٻڌڻي، ڄام اويس ۽ ٻيا جوابدار پيش

ملير (ڊ ر) ناظم جوکيو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ملير جي جوڊيشل مئجسٽريٽ2 الطاف حسين تنيو جي عدالت ۾ ٿي گذري، ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ايم پي اي ڄام اويس گهرام جوکيو کي سخت حفاظتي پهري بڪتربند گاڏي ۾ ويهاري عدالت ۾ پهچايو ويو، ان موقعي تي سخت حفاظتي قدم کنيا ويا نئين جوڙيل جاچ ڪميٽي جي جاچ آفيسر انسپيڪٽر سراج لاشاري، ايم پي اي ڄام اويس گهرام ۽ سندس گارڊن امير علي، حيدر سميت عبدالرزاق جوکيو، معراج جوکيو ۽ جمال واحد جوکيو کي عدالت ۾ پيش ڪيو، ان موقعي تي جاچ آفيسر پاران عدالت کي گذارش ڪئي وئي ته ملزمن جي جاچ کي 14 ڏينهن جو عرصو ٿي چڪو آهي ان ڪري کين جيل حوالي ڪيو وڃي، عدالت کي فريادي افضل جوکيو جي وڪيلن ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ ۽ ايڊووڪيٽ مظهر جوڻيجو پاران گذارش ڪئي وئي ته اسان شروع کان ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ لاءِ گذارش ڪندا رهيا آهيون،  ملزم ڄام اويس گهرام جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ دهشتگردي جو قلم نه لڳايو وڃي ڇو ته مقتول کي ڪنهن به اغوا نه ڪيو هو، عدالت پاران ڌرين جا موقف ٻڌڻ بعد ايم پي اي ڄام اويس گهرام ۽ سندس ساٿين کي ملير جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي 02 ڊسمبر تي مڪمل چالان پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، جنهن بعد ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.