افضل جوکئي کي اهڙو بيان ڏيڻ جي ڪا به ضرورت نه هئي: ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ

ملير (ڊ ر) سنڌ ليگل ايڊ جي اهم وڪيل ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ فريادي افضل جوکيو پاران 164 جي بيان جنهن ۾ ان پاران ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جو نالو واپس وٺندي بيان ڏنو آهي ته ناظم جوکيو جي قتل ۾ هو ملوث نه آهي ۽ ڄام عبدالڪريم پاران مونکي ساک ڏني وئي آهي اهڙي بيان بعد ڪيس ڪمزور ٿيندو، عدالت ۾ هن وقت 164 جي بيان ڏيڻ جي ڪا ضرورت ئي نه هئي، هن چيو ته هي 164 جو بيان رڪارڊ ٿيڻ کانپوءِ مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي پهريان ته سڄو معاملو صحيح هو، مونکي خبر نٿي پئي ته الله ڄاڻي چڪر ڇا آهي اسان ڪوشش ڪئي سون ته مظلوم کي حق ڏياريون پر سندس ڀاءُ ڦري ويو اسان ڇا ٿا ڪري سگهون باقي جيڪڏهن ناظم جي بيواه هن ڪيس جي پيروي ڪندي ته اسان شيرين جوکيو سان گڏ بيهنداسين، فريادي افضل جوکيو ته دهشتگردي لاءِ ڏنل درخواست تان عدالت ۾ پاڻ هٿ کڻي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.