سردار سنڌ جا نوجوان پيا مارين، پارلياماني مورچو نه ڇڏڻ گهرجي:جلال محمود شاهه

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته پارلياماني مورچو به سنڌ جي قومي حقن جي تحفظ جو هڪ رستو آهي، پارلياماني مورچو ڇڏڻ نه گهرجي، حڪمران جماعت سنڌ جون زمينون وڪرو ڪرڻ کانپوءِ ماڻهن جي کاتن جون زمينون قبضي ۾ ڪري رهي آهي، نوابشاهه ۾ کاتيدارن جا کاتا مٽائي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، اسان متاثر ماڻهن سان گڏ هونداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران 2015ع ۾ بلدياتي چونڊن واري رات قاسم آباد ۾ هٿياربندن هٿان شهيد ڪيل ڊاڪٽر انور لغاري جي ڇهين ورسي جي موقعي تي ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو،هن چيو ته ڊاڪٽر انور لغاري جي خون جا پيرا کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، ٽن آءِ جيز تائين ڳالهه پهتي آهي، پر جاچ کي لڪل هٿ روڪرائي ٿا ڇڏين ،روشن ٻرڙو چيو ته ڊاڪٽر انور لغاري قومپرست سياسي ڪارڪن هجڻ سان گڏ سماجي ڪارڪن به هو،سندس خون سان انصاف جي لاءِ اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جسقم جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ۽ سينيئر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته موجوده وقت ۾ سنڌ جي ماڻهن مٿان پيپلزپارٽي جي صورت ۾ هڪ عذاب نازل ٿيل آهي. هن چيو ته سمورن سنڌ دشمن عملن جا پيرا کڻبا ته اهي پيپلزپارٽي ڏانهن ويندا، سنڌ جي پاڻي جي چوري پ پ جي حڪومتي دورن ۾ ٿي، مذهبي انتهاپسندي جا بنياد به پيپلزپارٽي ئي وڌا، پيپلزپارٽي کي سنڌ مان ووٽ ملڻ جو سبب اسٽيلشمينٽ آهي،جڳديش آهوجا چيو ته سنڌ اڄ تاريخ جي نازڪ دور مان گذري رهي آهي، سنڌ جا عام ماڻهو سردارن ۽ وڏيرن هٿان ماريا پيا وڃن، اسان کي پارليامينٽ ۽ مزاحمت جو مورچو سنڀالڻو پوندو، امير آزاد پنهور چيو ته انور لغاري جو قتل سياسي آهي، پيپلزپارٽي سنڌ جي سمورن قومي ڪارڪنن جي قتل ۾ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ملوث رهي آهي، سياسي اڳواڻ مير حيدر ٽالپر چيو ته اليڪشن جو ميدان وڏيرن جو آهي، اسان ايم اين اي ۽ ايم پي اي ٿيون يا نه ٿيون پر نعرو سنڌ جو ئي هڻڻ گهرجي، اسان جو اصل مسئلو پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ آهي، اسان کي چنيسر واري بادشاهت نه کپي، امير علي ٿيٻو چيو ته پيپلزپارٽي کي اسان ان ڪري نٿا وڻون ته اسان ووٽ جي سياست ڪريون ٿا، ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي چيو ته سدائين سنڌ جي نوجوانن جا لاش ڏنا ويندا رهيا آهن، سنڌ جا حڪمران شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل هٿ نه ڪري سگهيا آهن ته ڊاڪٽر انور لغاري جي قاتلن ڪٿان هٿ ڪندا، شيبا مغل چيو ته شهيد ڊاڪٽر انور لغاري سنڌ ۽ سيد سان انتها درجي جي محنت ڪندڙ هوان موقعي تي عبدالغفار چانڊيو، خدابخش ٿيٻو، ڊاڪٽر آغا تاج ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.