حڪومت ۽ رياست انتهاپسندي سان وڙهڻ لاءِ مڪمل طور تيار ناهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته رياست جي رٽ قائم ڪرڻ کانسواءِ انتهاپسندي مان ڇوٽڪارو ممڪن نه آهي، موقف پيش ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي جڏهن ته ان کي زبردستي مڙهڻ صحيح نه آهي، اسان شدت پسندي سان دنيا کي تباهه ٿيندي ڏٺو آهي، شدت پسندي هن وقت ٻيو وڏو مسئلو آهي، اسان کي ڀارت کان ڪو خطرو نه آهي، اسلام اباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته  رياست جو ڪنٽرول ختم ٿيو ته جٿا قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻي وٺن ٿا. هن چيو ته حڪومت ۽ رياست شدت پسندي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار ناهي،  پاڪستان صوفين جي سرزمين ۽ درگاهن جو مسڪن هو، هتي هڪ ٻئي کي مڃي هلڻ وارا ماڻهو هئا، ٽي سئو سال اڳ جو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ڏسو ته هتي مذهبي شدت پسندي ڪڏهن نه هئي. هن چيو ته ڪجهه سياسي سببن جي ڪري هتي اهڙو عنصر پيدا ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ان وڏي خطري ۾ وٺجي ويو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهڙا استاد ڀرتي ٿيا جن انتهاپسندي کي فروغ ڏنو. هن چيو ته جيڪا رياست قانون جي عملداري نه ڪرائي سگهي، ان جي بقاءَ تي تمام جلد سوال اٿن ٿا،       هن چيو ته ٽي ايل پي جي معاملي تي ۾ رياست کي پٺتي هٽڻو پيو، اسان پوليسنگ جو نظام به تباهه ۽ برباد ڪيو، حڪومتي رٽ ختم ٿيندي ته انتهاپسند حاوي ٿي ويندا، هن چيو ته اسان وٽ هڪ ئي نظرئي کانسواءِ ٻي سوچ يا ڳالهه تي ڪفر جي فتويٰ لڳائي وڃي ٿي، قانون جي بالادستي نه ٿي ته انتهاپسند رياست کي ٽيڪ اوور ڪري سگهن ٿا،جاويد غامدي آمريڪا ۾ ويٺو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.