اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ڌانڌلي جا سمورا رستا بند ٿي ويندا،:وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ڌانڌلي جا سمورا رستا بند ٿي ويندا، پراڻي ڪرپٽ نظام مان فائدو کڻندڙ ملڪ ۾ تبديلي نه ٿا چاهين، مخالف ڌر پارليامينٽ ۾ ڊرامو ڪيو، ساليانو 30 ارب ڊالر موڪليندڙ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن، مخالف ڌر انهن جي ووٽ جي حق جي مخالف ڇو آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستاني به هاڻي پاڪستان جي جمهوري عمل جو حصو بڻجي ويا آهن، ووٽ جو حق ملڻ سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪستاني پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪري سگهندا، پاور آف اٽارني جي آن لائين تصديق ۽ جاري ڪرڻ سان هزارين پاڪستانين کي فائدو ٿيندو، ٽيڪس چوري روڪڻ جي لاءِ ايندڙ هفتي کان ملڪ ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم آڻينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.