وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان جنرل فيض حميد جون الوداعي ملاقاتون

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان سان ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد الوداعي ملاقات ڪئي آهي. ذريعن موجب عمران خان بطور ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي خدمتن جي تعريف ڪئي، وزيراعظم پاران ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي لاءِ نئين مقرري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جون الوداعي ملاقاتون جاري آهن. هن صدر عارف علوي ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان به ملاقات ڪئي آهي. صدر عارف علوي ملاقات دوران ملڪ جي سيڪيورٽي لاءِ سندس خدمتن جي تعريف ڪئي ۽ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي ڪور ڪمانڊر پشاور مقرري تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي نئين مقرري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان جي منظوري کان پوءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم کي بطور ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.