اڳوڻو وفاقي وزير پرويز شاهه جيلاني ہ لاڏاڻو ڪري ويو

خيرپور (ڊر/س ر ) اڳوڻي وفاقي ۽ صوبائي وزير ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني جو ڀاءُ ، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو ڀاڻيجو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي، صحافين شاهه زيب شاهه ۽ سيد شهزاد شاهه جو والد سيد پرويز علي شاهه جيلاني اوچتو ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو لاڏاڻي جي خبر خيرپور ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي  ۽ شهر ۾ سوڳ وارو ماحول ٿي ويو جنهن بعد مرحوم جي جنازي نماز شيعا عيدگاهه  خيرپور ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي ، سماجي اڳواڻن، شهرين ، مٽن مائٽن ۽ دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مرحوم کي اباڻي قبرستان جيلاني محلي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ياد رهي ته مرحوم سيد پرويز علي شاهه جيلاني جنرل ضياءَ جي دور ۾ جمهوريت جي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي جنهن ڪري  هن ڪوڙا کاڌا 1988 ۾ جنرل ضياالحق جي دور ۾ عام چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ اڳوڻي پير پاڳاري سيد شاهه مردان شاهه کي شڪست ڏئي ايم اين اي  ٿيو 1990 ۾ ٻيهر عام چونڊن ۾ پيرصاحب پاڳاري سان وري اليڪشن کٽي ورتي، ۽ ايم اين اي چونڊجي وفاقي وزير ٿيو 1994 ۾ ڪوٽڏيجي جي تڪ مان ايم پي اي چونڊيو ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي ڪابيان ۾ سنيئر وزير رهيو. جڏهن ته سيد جاويد علي شاه جيلاني سيد قائم علي شاهه جيلاني ۽ مرحوم جي پٽن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.