شهيد ناظم جوکيو ڪيس جو جاچ آفيسر هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل

ڪراچي/ملير (رپورٽر+ ڊر ) شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ آفيسر کي هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل ڪيو ويو آهي، مليرعدالت  ۾ ڪيس جي نئين جاچ آفيسر جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ جي درخواست داخل ڪرائي، انسپيڪٽر سراج لاشاري عدالت کي ٻڌايو ته ناظم جوکيو قتل ڪيس جي پراڻي جاچ آفيسر مجتبيٰ باجوه کان ڪالهه جاچ واپس وٺي منهنجي حوالي ڪئي وئي آهي.جاچ آفيسر سراج لاشاري عدالت کي ٻڌايو ته مقتول جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اڃا تائين نه ملي آهي،جڏهن ته عدالت رمانڊ جي استدعا رد ڪندي جوابدارن کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي .جاچ آفيسر کان 2ڊسمبر تائين چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته حتمي چالان جي روشني ۾ اي ٽي سي جي ايڪٽ ۾ اضافي جو فيصلو ڪيو ويندو .ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پ پ جي سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام اويس سميت 6 جوابدار گرفتار آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.