در کليو، نينگري قتل ٿي وئي، واقعو ڪراچي پوليس لاءِ چئلينج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر بلاڪ 11 ۾ گذريل ڏينهن قتل ٿيل نينگري جو قتل واقعو پوليس لاءِ چئلينج بڻجي ويو آهي، پوليس نينگري جي والد زين العابدين جي فرياد تي شاهراهه فيصل ٿاڻي تي واقعي جو داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته آئون پنهنجي يونين آفيس ۾ موجود هيس ته گهر واري ساڍي 5 وڳي ڌاري فون ڪري گهر اچڻ جو چيو، 5 منٽن اندر جئين ئي گهر پهتس ته گهر جي دروازي تي ڌيءَ جو لاش پيل هو، منهنجي گهر واريءِ ٻڌايو ته ڪنهن در کڙڪايو، ڌيءَ جيئن ئي دروازو کوليو ته هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو، پوليس موجب ته نينگري کي نرڙ تي گولي لڳي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.