چاهيون ٿا ته حڪومت مدو پورو ڪري: خورشيد شاهه

اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اپوزيشن خاموش نه ويهندي پر ڪو غيرقانوني رستو به اختيار نه ڪندي ، هڪ خانگي ٽي وي کي انٽرويو ۾ هن چيو ته عامر لياقت جي بيان سان دنيا ۾ ڪهڙو پيغام ويندو، ڪالهه ڏٺو ويو ته ڪيئن بل پاس ڪيا ويا، اميد آهي ته بلاول چونڊن ۾ پنجاب کي ضرور ڏسندو، پارليامينٽ جي بالادستي ختم ڪئي وئي آهي، جيل مان نڪري آيس، پر پنهنجي نظرئي تي قائم آهيان، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏيڻ وارو طريقو درست ناهي، هن چيو ته اسان عمران خان کي جمهوري طريقي سان هٽائڻ چاهيون ٿا، بدقسمتي سان اسان اهڙي سياست ۾ ڦاسي پيا آهيون جنهن مان نڪرڻ مشڪل آهي، هن چيو ته الڳ ٿيڻ تي پ پ ۽ پي ڊي ايم ٻنهي جو نقصان ٿيو، اتحاد ۾ هڪ ٻئي کي شوڪاز نوٽيس جاري ناهن ٿيندا، چاهيون ٿا ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.