قمبر ۾ سردارن جي ظلم خلاف غريب ماروئڙن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي وڪيل قادر ڀٽي تعلقي سجاول جوڻيجو جي ڳوٺ ٻٻر خان ڀٽي واسي ڀٽي برادري جي ماڻهن دلبر حسين، جاويد علي، شاهد حسين، فيض محمد، سلطان، سجاد حسين ڀٽي ۽ ٻين سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي شهدادڪوٽ جو اڳواڻ ۽ بااثر وڏيرو وحيد ڀٽي پنهنجي ڀاءُ حميد ڀٽي، ڪمدار ۽ هارين سان گڏجي گذريل ٻن سالن کان اسان جي برادري سان واسطو رکندڙ نصير محمد ڀٽي سندس ڀائرن ۽ سئوٽن جي 150 جريب زرعي زمين ڀڳڙن مُٺ خريد ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري کين ڳوٺ مان لڏائڻ چاهي ٿو جنهن اڳ به ڪيترن ئي ماڻهن جون زمينن تي قبضا ڪري مظلومن جي حقن تي ڌاڙو هنيو جنهن 16 نومبر جي ڏينهن ڊي ايس پي ميروخان علي نواز ڍڪڻ ۽ پوليس اهلڪارن جي موجودگي ۾ پنهنجي هٿياربند ڪمدار ۽ هارين عبدالحميد، غلام حيدر، الطاف، حيدري بروهي، عبدالرزاق بروهي، رضا محمد بروهي سميت 30 کان وڌيڪ هٿياربندن جي ذريعي ڏنڊن ۽ سِروٽن سان حملو ڪري نصير محمد، صدام حسين، وزير علي، نظير حسين، تاج محمد ڀٽي، غلام نبي، گدا حسين، عورتن فرزانه، ذليخان، رياستي سميت 11 ڄڻن کي رتورت ڪري ڇڏيو ،هنن چيو ته  پوليس غلام رسول ڀٽي جي فرياد تي 22 ڄڻن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائي  پر ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو نواز تونيو بااثر وڏيري جي وانگار وهندي جوابدارن سان ٻٽ بڻجي مُک جوابدارن کي گرفتار نه پيو ڪري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.