ڪورنگي ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب ماءُ چئن پٽن سميت زخمي

ڪورنگي (رپورٽ: امير جان چانڊيو )  ڪراچي ڪورنگي جي علائقي الله والا ٽائون ۾ پلاٽ 1009 سيڪٽر 31 بي سڪينڊ فلور تي گهر اندر عورت نوشين پاران کاڌو تيار ڪرڻ دوران سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، سلينڊر ڌماڪي سبب پوري علائقي ۾ سخت خوف پکڙجي ويو، جڏهن ته سلينڊر ڦاٽڻ دوران کاڌو تيار ڪندڙ عورت نوشين زال سليمان . سندس پٽ 18 ورهين جو عبدالله. ٻن ورهين جو عبدالهادي. 10 ورهين جو آفان ۽ 4 ورهين جو شايان زخمي ٿي پيا زخمين کي فوري طور تي جناح اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، اطلاع تي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاءِ واردات جو معائنو ڪري تفصيل ورتا پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو گهريلو سلينڊر سان ٿيو واقعو معمولي نوعيت جو آهي، عورت سميت گهر ۾ موجود پٽ معمولي زخمي ٿيا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.