ٽنڊي آدم ڀرسان واپاري يرغمال، 11 لک ڦر

ٽنڊوآدم ( ن ع آ ) ٽنڊي آدم لڳ ڳوٺ خدا آباد ڀرسان ٽنڊو الهيار ڦاٽڪ تي ڦاٽڪ بند هجڻ دوران موٽر سائيڪل تي سوار 4 هٿياربند ڦورن بينڪ مان پئسا ڪڍرائي ويندڙ ڪيلي جي واپاري خدابخش مڪراني کي يرغمال بڻائي 11 لک رپيا ڦر ڪيا واپاري مزاحمت ڪندي هڪ ڦورو کي پڪڙي ورتو ته ٻئي ڦورو مٿس فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب هو معمولي زخمي ٿي پيو ۽ ڪار جا شيشا ٽٽي پيا متاثر واپاري ٻڌايو ته ان وقت ڦاٽڪ تي ڊسٽرڪٽ جيل سانگهڙ جي قيدين کي کڻي ويندڙ اهلڪارن سميت ڪيترائي ماڻهو موجود هئا پر انهن  ڪا به مدد نه ڪئي  ٻئي طرف اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي معلومات ورتي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.