حڪومت ڪيسيتائين ٿي هلي، اهو وقت ٻڌائيندو: شاهد خاقان

ڪراچي (رپورٽر) مسلم ليگ نون جي اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب جا ٻه آرڊيننس جاري ٿيندي ٽي مهيني ٿي ويا آهن، عدالت سميت جج به پريشان آهن، هن چيو ته قانون ٺاهڻ وقت سوچڻ گهرجي تي ڇا ڪرڻ آهي؟ ڪالهه جن بلن کي پاس ڪيو ويو آهي ان جي به ساڳي ڪيفيت آهي، نئين قاتون جي تحت ڪلڀوشن کي گهر موڪليو ويندو، وفاقي حڪومت ڪيسيتائين هلندي اهو وقت ٻڌائيندو، اهڙي خيالن جو اظهار شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي، شاهد خاقان عباسي چيو ته سئو ڀيرا اليڪشن ڪرائي وڃي جيستائين آئين موجب اليڪشن نه ٿيندي ڪجهه نه ٿيندو ، ان کان اڳ عدالت ۾ پيش ٿيو، شريڪ جوابدار عمران الحق جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، نيب آڊرننيس کان پوءِ احتساب عدالت کي ٻڌڻي جو اختيار نه آهي، عدالت تاريخ وٺڻ تي نيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.