“ايندڙ چونڊن ۾ اي وي ايم جو استعمال سواليه” اليڪشن ڪميشن به مونجهاري جو شڪار

اسلام آباد( م ڊ) اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت اليڪشن ڪميشن به مونجهاري جو شڪار آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن به سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيو. قومي اسيمبلي جياسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر رياض فتيانا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن سوالن جا انبار لڳائي ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته  ايندڙ چونڊن ۾ اي وي ايم جو استعمال  ٿيندو يا نه ، ان بابت اڃا ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي.  هن چيو ته اي وي ايم  جو استعمال 14 مرحلن مان گذارڻو پوندو، ڪيترن ئي  سوالن جا جواب ناهن.  سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت وڌيڪ 3، 4 پائليٽ پراجيڪٽ ڪرڻا پوندا، ڪيتريون ئي آزمائشون سامهون آهن. ميمبر عاليا ڪامران چيو ته بلوچستان ۾ ڪيئن تڪ بنديون ڪيون وينديون، مشين ڪٿي ڪٿي رکي ويندي، عوام ووٽ مشڪل سان ڏيندو آهي، مشين تي ڪيئن ڏيندو . ان تي سيڪريٽري چيو ته انگ اکر گڏ ڪيون پيا، بلوچستان بابت خدشن تي ڪم ڪيون پيا. ميمبرن سوال اٿاريو ته جتي انٽرنيٽ ناهي، اتي ڪيئن اي وي ايم استعمال ٿيندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.