ڪامورا واپس ڪرڻ کان انڪار، وفاق گيم پيو کيڏي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڊراما بند ڪري:مراد شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جو في مڻ اگهه 22 سئو رپيا مقرر ڪرڻ ۽ شگر فيڪٽريز ڪنٽرول ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير چيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي تھ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي وارننگ ڏيان ٿو ته سياست ۽ ڊراما بند ڪري، وفاق جو سنڌ حڪومت سان جهيڙو آهي ته مون سان وڙهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته پي اي ايس ۽ پي ايس پي وفاقي حڪومت جا ملازم آهن پر حقيقت اها آهي ته اهي فيڊريشن جا ملازم آهن ۽ وفاقي حڪومت قانون موجب صوبي مان ڪنهن به آفيسر جي بدلي يا مقرري کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سان بامعنيٰ ڳالهائڻ جو پابند آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني، ناصر شاهه، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ اطلاعات وارو سيڪريٽري رشيد سولنگي به ساڻس گڏ هئا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت، سنڌ مان PAS جي گريڊ 20 جي چئن آفيسرن ۽ PSP جي 7 آفيسرن جي خدمت واپس وٺي ڇڏي آهي ۽ انهن جي جاءِ تي پنهنجي روٽيشن پاليسي تحت PAS جا چار ۽ PSP جي 8 آفيسرن کي سنڌ واپس موڪلي ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سول سروس آف پاڪستان (ڪمپوزيشن اينڊ ڪيڊر) رولز 1954ع ۾ ترميم جو حوالو ڏيندي چيو ته سندس رولز 15 (i) پڙهڻ گهرجي ته سروس سان لاڳاپيل آفيسر جو صوبي مان ٻئي صوبي ۾ يا وفاقي مان ڪنهن به آفيسر جي بدلي يا وري ڪنهن به صوبي مان وفاق ڏانهن بدلي ڪرڻ تي وزيراعظم يا کيس بااختيار شخص وزيراعليٰ يا سندس اختيار ڪيل ڪنهن به شخص جي صلاح سان ڪيو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته گريڊ 20 جي پي ايس پي جي آفيسرن جي 26 منظور ٿيل پوسٽن تي سنڌ مان 50 سيڪڙو يعني 12 آفيسر بدلي ڪيا ويا آهن. پي اي ايس آفيسرن بابت ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سندن منظور ڪيل 67 پوسٽن مان رڳو 30 ڪم ڪري رهيا آهن، يعني سنڌ ۾ 37 آفيسرن جي کوٽ آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت، گريڊ 21 جي 16 گريڊ آفيسرن جي ڀرتي جي منظوري ڏني آهي جن مان رڳو 4 آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير آدمشماري بابت ڳالهائيندي چيو ته سندس حڪومت کي سخت خدشا آهن. گهرن جي ڳڻپ جو مثال ڏيندي هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ 3.84 ملين کان وڌيڪ گهر ڳڻيا ويا آهن. پنجاب ۾ 17.1 ملين، سنڌ ۾ 8.58 ملين ۽ بلوچستان ۾ 1.77 ملين گهر آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي ۾ 7.9 في گهرن جي شرح، بلوچستان ۾ 6.95، پنجاب ۾ 6.43 ۽ سنڌ ۾ 5.58 في گهرن جي اوسط آهي. اهڙي ريت سنڌ ۾ في گهرن جي ميمبرن جو تعداد سڀ کان گهٽ ڄاڻايو ويو آهي.  يونيسيف سروي جو حوالو ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته ان ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ في گهر 7.6، بلوچستان ۾ 7.7، پنجاب ۾ 6.43 ۽ سنڌ ۾ 7.2 في گهر ميمبر آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي آبادي 620 ملين آهي. مون کي حيرت آهي ته وفاقي وزير (اسد عمر) گڏيل اجلاس جي فلور تي بي بنياد ۽ غلط بيان ڏنو. اي وي ايم مشينن بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت قومي اسيمبلي ۾ لڳل اليڪٽرانڪ ووٽن جي ڳڻپ واري نظام کي هلائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي تنهنڪري اهي پنهنجي اي وي ايم کي ڪيئن هلائي سگهندا. هن چيو ته گذريل عام چونڊن ۾ رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم (آر ٽي ايس) ناڪام ٿيو هو.  وڏي وزير چيو ته صوبائي ڪابينا هارين جي همٿ افزائي ڪري کين وڌيڪ ڪڻڪ پيدا ڪرڻ جي رغبت ڏني آهي ته جيئن سنڌ فصل ۾ پاڻڀرو ٿي سگهي، ڪڻڪ جو امدادي اگهه سيزن 21-2022 لاءِ 2200 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گذريل سال وفاقي حڪومت ڪڻڪ جو اگهه 2000 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي پر جڏهن ڪڻڪ جي کوٽ پيدا ٿي ته هنن يوڪرين ۽ روس کان 6200 رپيا في 100 ڪلو جي حساب سان ڪڻڪ امپورٽ ڪئي جڏهن ته (وفاقي حڪومت) مقامي هارين کي 5000 رپيا في ٻوري ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. صوبائي ڪابينا شگر فيڪٽريز ڪنٽرول ايڪٽ 1950 جي سيڪشن 2 (h) ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تحت ”ڪرشنگ سيزن پهرين نومبر کان 30 نومبر تائين شروع ڪئي ويندي. ڪابينا وفاقي حڪومت پاران ربيع جي فصل 22-2021 ۾ هارين کي فاسفيٽ ڀاڻ تي 50:50 سبسڊي ڏيڻ جي پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۾ 50:50 سبسڊي جي تناسب هوندو. زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ ڪابينا کي ٻڌايو ته موجوده سيزن 22-2021 ۾ ڊي اي پي جو اگهه 3800 رپين جي ڀيٽ ۾ 8500 رپيا في ٻوري آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.