11 ڪروڙ ووٽرن لاءِ هڪ لک 90 هزار ووٽنگ مشينون گهربل!

اسلام آباد( م ڊ)  ايندڙ عام چونڊن ۾ ملڪ جي ساڍا 11 ڪروڙ کان وڌيڪ ووٽرن لاءِ هڪ لک 90 هزار کان وڌيڪ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن (EVMs) جي ضرورت پوندي. ڀارت 2019 ۾ ڏيڍ ڪروڙ اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشينن تي 126 ارب پاڪستاني رپيا خرچ ڪيا، 2013 ۾ پاڪستان کي ڪيترو خرچ ڪرڻو پوندو؟ ان بابت نوان سوال اٿيا آهن. هندستان ۾، هڪ EVM وڌ ۾ وڌ 64 اميدوارن جا 3,840 ووٽ رڪارڊ ڪري سگهي ٿي، هڪ بيلٽنگ يونٽ ۾ 16 اميدوارن لاءِ انتظام آهي ۽ وڌ ۾ وڌ 4 يونٽس کي هڪٻئي سان ڳنڍي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اميدوارن جو انگ 64 کان وڌيڪ آهي ته پولنگ لاءِ روايتي بيلٽ باڪس جو طريقو استعمال ڪيو ويندو.رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ جيڪڏهن اليڪٽرانڪ مشينون استعمال ٿيون ته حڪومت کي هڪ لک 90 هزار کان وڌيڪ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن (اي وي ايم) جي ضرورت پوندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.