ڇا وڏن ماڻهن کي اجازت آهي ته جنهن کي چاهين ماري ڇڏين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ قتل جي ڪيس ۾ نامزد چئن جوابدارن رضوان علي، فرمان علي، شاهه محمد ۽ شاهجهان جي گرفتاري کان اڳ ضمانت بابت داخل درخواست خارج ڪري ڇڏي. خميس تي جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بينچ ڄاڻايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيل دليلون ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته 14 ڪلاڪن جي دير سان ڪيس داخل ڪيو ويو، قتل سبب لاڳاپيل فرانزڪ رپورٽ اڄ تائين ناهي آئي، جوابدار خالي هٿ هئا ڪا ريڪوري ناهي ٿي. ان دوران سردار طارق مسعود ريمارڪس ڏنا ته ڇا خالي هٿ ماڻهو قتل نٿا ڪري سگهن، هڪ غريب ويٽر کي جوابدارن معمولي ڳالهه تي قتل ڪري ڇڏيو، ويٽر رڳو اهو ئي چيو هو ته سندس ڊيوٽي ختم ٿي وئي آهي، ، هتي ته ويڊيو ٺاهڻ تي پڻ قتل ڪيو ٿو وڃي، ڇا وڏن ماڻهن کي اجازت آهي ته جنهن کي چاهي قتل ڪري ڇڏن، هڪ ويٽر کي ماري انهن جوابدارن کي ڇا مليو. سپريم ڪورٽ قتل جي ڪيس ۾ نامزد چئن جوابدارن رضوان علي، فرمان علي، شاهه محمد ۽ شاهجهان جي گرفتاري کان اڳ ضمانت بابت داخل درخواست خارج ڪري ڇڏي،چئني جوابدارن کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو،  واضح رهي ته جوابدارن ٿانو ڏوئڻ تي انڪار تي حيدرآباد جي هوٽل ۾ ويٽر کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.