اسٽيٽ بئنڪ بابت بل جو آءِ ايم ايف سان واسطو ناهي: ماهر

اسلام آباد ( م ڊ) ماهرن چيو آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ بابت بل جو آءِ ايم ايف سان ڪو تعلق ناهي، ان سلسلي ۾ بي بي سي سان ڳالهائيندي صحافي شهباز راڻا چيو آهي ته هن بل جو آءِ ايم ايف سان ڪو تعلق ناهي. بدقسمتي اها آهي ته ميڊيا کان وٺي سياستدانن تائين ڪنهن کي اها خبر ناهي ته بل ڪهڙو منظور ڪيو ويو آهي. اڳوڻي ناڻي واري وزير حفيظ پاشا چيو ته آءِ ايم ايف شرطن وارو بل اصل ۾ ايڪٽ 1956 ۾ ترميم جو بل آهي، جيڪو پيش ئي ناهي ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر سليم رضا چيو ته ترميمي بل تحت نيڪ نيتي واري عمل کي ڇوٽ ڪنهن حد تائين آءِ ايم ايف سان ٺهڪي ٿو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.