گئس بحران سنگين، پهرين ڊسمبر کان 15 جنوري تائين سي اين جي بند

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي سياري لاءِ گئس لوڊ مئنيجمنيٽ پلان جون تجويزون منظور ڪري ورتيون. منصوبابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هلندڙ سياري دوران گهريلو ۽ ڪمرشل واهپيدارن کي گئس بحران کان بچائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا جي ڪميٽي ڪيپٽو پاور، جنرل انڊسٽري ۽ سي اين جي سيڪٽر کي ٻن مهينن لاءِ گئس جي فراهمي بند ڪرڻ جي تجويز منظور ڪري ورتي آهي.ڪابينا ڪميٽي گهريلو واهپيدارن کي گئس جي بنا وقفي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي، گڏوگڏ ايڪسپورٽ،  سيمينٽ ۽ ڀاڻ جي صنعتن لاءِ گئس جي فراهمي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته گئس جي پهچ بابت تجويزون ايندڙ اجلاس ۾ ٻيهر پيش ڪيون وينديون. هوڏانهن  سنڌ حڪومت فيصلي تي اعتراض ڪيو آهي. توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته سيارو آيو ئي ناهي ته بحران پيدا ڪري وڌيڪ گئس ڏيندڙ سنڌ کي محروم ڪيو پيو وڃي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.