پارليامينٽ ۾ اسپيڪر جي رولنگ بعد عدالتي مداخلت نه ٿي ٺهي: اعتزاز احسن

اسلام آباد: (خميس 18 نومبر 2021ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر ۽ مرڪزي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته مريم نواز ۽ مولانا فضل الرحمان حڪومت وڃڻ جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا هئا پر صورتحال سندن بيانن جي ابتڙ آهي.خانگي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي اعتزاز احسن چيو ته گذريل ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي ڪارروائي غير معمولي هئي، 18هين ترميم تي گڏيل تجويزون سامهون آيون هيون. مون عدالتي فيصلن تي راءِ ڏيڻ گهٽ ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته اپوزيشن اي وي ايم بابت سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ وڃي سگهي ٿي پر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي رولنگ کان پوءِ معاملي ۾ عدالتي مداخلت نٿي ٿي سگهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو هو ته 221 ووٽ سامهون آيا آهن. اعتزاز احسن چيو ته پ پ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ واري بل جي حمايت ڪري ٿي پر ووٽ جو حق ڏيڻ واري طريقي تي حڪومت کي اپوزيشن اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. اي وي ايم کي ته اچڻو ئي آهي هاڻ صرف ڳالهه ڀروسي جي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.