ڪراچي ۾ پوليس مقابلي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، 2 گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سٽي ڊسٽرڪٽ پوليس ڪارروائي ڪندي 3 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو، منشيات فروشن کي ڪلري ۽ بغدادي ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو ويو، ٻي پاسي ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ شھرين کان ڦر ڪندڙن ڦورن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ايس ايڇ او ڊاڪس پرويز سولنگي ڪارروائي ڪندي 2 ڦورن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن جي سڃاڻپ امير اسلام ۽  سعيد ولد عبدالله طور ٿي، هوڏانهن شاهراهه وقاص ويجهو يو بي ايل بئنڪ لڳ پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪو بعد ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.