انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي 7 ميمبرن جي مقرري

اسلام آباد (م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي 7 ميمبرن جي مقرري ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ڪالهه خميس ڏينهن جاري بيان موجب رابعه جويري آغا جي چيئرپرسن طور، جڏهن ته ظفرالله خان ميمبر آءِ سي ٽي، نديم اشرف ميمبر پنجاب، انيس هارون ميمبر سنڌ طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. طارق جاويد ميمبر خيبرپختونخواهه، پروفيسر فرخنده اورنگزيب ميمبر بلوچستان مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته منظور مسيح کي بطور اقليتي ميمبر مقرر ڪيو آهي. صدر انساني حقن بابت قومي ڪميشن ايڪٽ جي سيڪشن چار تحت اهي مقرريون ڪيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.