جهمپير جي ڪوهستاني پٽي ۾ عرب شڪاري پهچي ويا، تلور جو شڪار

جھمپير (رپورٽ: حميد پالاري) ڪوھستان جي جابلو پٽي ۾ عرب شڪارين ديرا ڄمائي ورتا آھن روزانو ڪيترن ئي پرديسي پکين جو شڪار ٿيڻ لڳو عرب شڪارين جي گاڏين ۾ وائلڊ لائيف وارا پڻ سندن سھولتڪار بڻيل ڪوھستان جي ھن پٽي ۾ حڪومت پاران کين ھزارين ايڪڙ زمين ليز ڪري ڏنل آھي جن ۾ پنھنجا وڏا محل اتي تعمير ڪرائي ڇڏيا آھن جھمپير لڳ دبئي فارم جي نالي ۾ شيخ ناصر لوطا کي ھزارين ايڪڙ ڏنل زمين مقامي ماڻھن لاء نو گو ايريا بنيل آھي امير پير لگ بحرين جي عرب شھزادي کي پڻ ھزارين ايڪڙ زمين ليز ڪري ڏني ويئي آھي جتي پڻ مقامي ماڻھن جي جانورن کي چرڻ به نٿو وڃي ڳوٺاڻن جي ذاتي زمينن تي شڪار ڪرڻ لاءِ سندن بيٺل فصلن جي سخت لتاڙ ڪئي پئي وڃي عربن جي پھچڻ شرط سندن مقامي واٺا پڻ سرگرم ٿي ويا آھن ،في تلور ڏيکارڻ جو پنجويھ کان ٽيھ ھزار روپيا ڏئي علائقي کي شڪارين حوالي ڪري ڇڏيو آھي جھمپير لڳ عرب ملڪن جن ۾ دبئي بحرين قطر ۽ يو اي اي جي عربن جا وڏا محل موجود آھن جن ۾ تر جا وڏا سردار پڻ حاضريون ڏيڻ ۽ مھمان نوازي ۾ مشغول آھن ڪوھستان جي سياسي سماجي ماحول دوست ڌرين ۾ غم ۽ غصي جي لھر ڇانيل آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.