ڊائيس تي اسپيڪر سان گوڙ ڪندڙ قادر مندوخيل جي داخلا تي پابندي

اسلام آباد (م ڊ) پ پ جي اسيمبلي ميمبر قادر مندوخيل جي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اسپيڪر اسد قيصر گذريل ڏينهن قادر مندوخيل پاران ايوان ۾ غيرپارلياماني رويو اختيار ڪرڻ تي پابندي لڳائي آهي. قادرمندوخيل تي پابندي 19 نومبر جي اجلاس لاءِ هوندي هو هاڻ قومي اسيمبلي ۾ داخل نٿو ٿي سگهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اها ڪارروائي قائدن، ضابطن ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي رولز تحت لڳائي آهي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان قادر مندوخيل کي خط ذريعي فيصلي کان آگاهه به ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران اسپيڪر اسد قيصر ۽ پ پ جي اسيمبلي ميمبر عبدالقادر مندوخيل وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي، عبدالقادر مندوخيل اسپيڪر ڊائس جي آڏو نامناسب ڳالهيون ڪيون جنهن تي اسپيڪر اسد قيصر کيس چيو هو ته تميز سان ڳالهايو ٻئي صورت ۾ اوهان کي ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيندس، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کان پوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي مائيڪ نه ڏيڻ تي قادرمندوخيل اسپيڪر ڊائس ڏانهن ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.