29 ضلعن ۾ ويڪسينيٽرن جي هڙتال، ڪراچي ۾ 16هين ڏينهن به ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽر) ويڪسين ويلفيئر ايسوسيئيشن وارن ڪالهه 16 هين ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پنهنجي مطالبن جي حق ۾ احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو، سڄي سنڌ مان 29 ضلعن جي ويڪسينيٽرن پنهنجا حفاظتي ٽڪن جا مرڪز بند ڪري ڇڏيا آهن، پريس ڪلب ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي سندن چوڻ هو ته ارڙي ۽ روبيلا جي مهم جو به مڪمل بائيڪاٽ ڪيو آهي. انهن جي ويڪسينيشن ۾ ڪو به ويڪسينيٽر حصو نه وٺندو ۽ ڪن هنڌن تي ڊاڪٽر پاڻ ويڪسينيشن ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. سندن چوڻ هو ته اسان جا جائز مطالبا حل نه پيا ڪيا وڃن ۽ صوبائي انتظاميه فقط ڏٽا ڏيئي رهي آهي. هنن چيو ته اسان جي مطالبن ۾ 336 اين ٽي ايس ويڪسينيڪٽرن جي بحالي، ٽائيم اسڪيل ۽ اپ گريڊيشن جا مطالبا شامل آهن. هنن چيو ته ٽائيم اسڪيل ۽ اپ گريڊيشن جي سنڌ جي وڏي وزير به منظوري ڏني آهي پر فنانس سيڪريٽري اسان جو ڪم روڪي ويٺو آهي،وڏي وزير کي ان معاملي کي ڏسڻ گهرجي ۽ فوري طور تي جاچ ڪرائي وڃي، ان موقعي تي الله بخش سنگراسي، نثارمنگي ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.