يمن ۾ 75 سيڪڙو ٻار شديد غذائي کوٽ جو شڪار

عدن(م ڊ)عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته يمن جي 3 ڪروڙ آباديءَ ۾ 75 سيڪڙو ٻار شديد غذائي کوٽ جو شڪار آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته هڪ ڪروڙ 62 لک ماڻهو جيڪي ملڪ جي 3 ڪروڙ آباديءَ جو هڪ وڏو حصو آهن، هن وقت شديد غذائي کوٽ جو شڪار آهن.

  • ڊاڪٽر کان ڀتو اوڳاڙيندڙ 7 جعلي صحافي سوگها

ڪراچي ( رپورٽر ) علائقي قائد آباد واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 7 جعلي صحافين کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جعلي صحافين مجيد ڪالوني ۾ هڪ ڪلينڪ تي ڊاڪٽر کان ڀتو وٺي رهيا هئا ته علائقي واسين کين گهيري ورتو، گرفتار ٿيلن جي سڃاڻپ محمد شاڪر، سلمان اعجاز، محمد آصف، عقيل شاھ، هڪ عورت اسٽر رضوان، رضا محمد ۽ محمد فيصل طور ٿي آهي، جن تي ڀتا خوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب جعلي صحافي اڳ به ڊاڪٽر ارشد کان ڏيڍ لک رپيا ڀتو وصول ڪري چڪا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.