مڪاني ادارن واري سيڪريٽري ضمير عباسي جي رشوت ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت منظور

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ نيب جي اڳوڻي آفيسر ۽ موجوده لوڪل گورنمنٽ جي سيڪريٽري ضمير عباسي جي رشوت وٺڻ واري ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ ڪيس 10 ڏينهن اندر ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، ٻڌڻي دوران نيب جي جاچ آفيسر پنهنجو جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

  • آصف زرداري خلاف ٽرانزيڪشن ريفرنس تي ٻُڌڻي ملتوي

اسلام آباد(م ڊ) احتساب عدالت جي سيد اصغر علي جي عدالت ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف 8 ارب رپين جي مشڪوڪ ٽرانزيڪشن جي ريفرنس تي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، گذريل ڏينهن ٻُڌڻيءَ دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو لکت وارو حڪم نامو پيش ڪيو ۽ عدالت چيو ته ان معاملي تي ڇا هاءِ ڪورٽ فيصلو نه ڪيو؟ ان تي وڪيل ٻُڌايو ته اسان جي درخواست تي نيب وقت گُهريو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.